23 سومر , آڪٽوبر 2017

دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون: وزير اعظم

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پر عزم آهيون. ڪوئيٽا ۾ وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال، قادر بلوچ، وڏي وزير ۽ بلوچستان گورنر سميت ڪمانڊر سدرن ڪمانڊر به شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري بلوچستان اورنگزيب حق جي اجلاس ۾ امن و امان جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرڻ جي لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن ڪيس: اڳوڻو وزير شرجيل ميمڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي