ثانيا مرزا سنسناٽي ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي
ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سنسناٽي ٽينس ٽورنامينٽ ويمنز ڊبلز جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
آمريڪا ۾ جاري ايونٽ ۾ کيڏيل ويمنز ڊبلز ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ ثانيا مرزا ۽ سندس جوڙيدار شوئي پينگ انتهائي سخت مقابلي کان پوءِ رومانيا جي ارينا ڪاميليا ۽ سندس هم وطن جوڙيدار راليوڪا اولارو کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ پڪي ڪري ڇڏي آهي.
ياد رهي ته ثانيا مرزا جي ڪارڪردگي هلندڙ سال بهترين نظر اچي رهي آهي، ان کان اڳ گذريل سال ثانيا مرزا ومبلڊن ويمنز جي ڊبلز جو ٽائٽل کٽي چڪي هئي