23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

پرويز رشيد الزامن بدران حڪومت کي ڊان ليڪس جي رپورٽ پڌري ڪرڻ جو مشورو ڏئي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي ترجمان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن پنهنجي غلطين جو ملبو گهرو وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي وجهي ڇڏيو، ڪاش پرويز رشيد پنهنجي بيان جي ڪجهه وضاحت به ڪري ها، ته جيئن سازش جي کلي وضاحت ٿي وڃي ها، سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير پرويز رشيد جي بيان بعد چوڌري نثار به ميدان ۾ اچي ويو آهي، ان جي ترجمان پرويز رشيد جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن غلطين جو سڄو بار گهرو وزارت، اسٽيبلشمينٽ تي وجهي ڇڏيو اهي، اهڙن ماڻهن جي سئي گهرو وزارت، اڳوڻي گهرو وزير تي اچي ڦاسي وئي آهي، پرويز رشيد ڳجهارتون ڀڃرائڻ بدران سازش جي کلي وضاحت ڪري، اهو وضاحت ڪري ڇڏي ها ۽ اهو گهرو وزارت کان ڪهڙي مدد جي اميد ڪري رهيو هيو، جڏهن ته ڊان ليڪس ۾ فيصلو ڏيندڙ ڇهه رڪني ڪميٽي ۾ گهرو وزارت جو هڪ ميمبر هيو، جڏهن ته ان جي خلاف فيصلو ڏيڻ واري ڪميٽي ۾ 5 ميمبر وفاقي يا صوبائي حڪومت جي ماتحت هيا، پرويز رشيد کي ٻڌائڻ گهرجي ته پنهنجي غلطين تي پردو وجهڻ لاءِ ان کي گهرو وزارت مان ڪهڙي قسم جي مدد جي اميد هئي؟ پرويز رشيد اڳوڻي گهرو وزاير تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي حڪومت کي ڊان ليڪس جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو مشورو ڏئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عام ڪرڻ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ رپورٽ عام ڪرڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي