21 منگل , نومبر 2017

اسان جي قيادت چيو ته هاڻي بيوفائن سان ڪا ڳالهه نه ٿيندي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته بلاول محب وطن ۽ بهادر بينظير جو پٽ آهي، تقريب کي خطاب ڪندي مولا بخش چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪارڪن خوش قسمت آهن جو انهن جو ليڊر بلاول ڀٽو آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر حيدرآباد ۾ ڀرپور موج ۾ نظر ايندي، ضياءَ الحق ۽ ان جي وارثن پيپلز پارٽي کي گهٽ ڏيکارڻ جي سازش ڪئي، محترمه بعد به پيپلز پارٽي ان ئي طاقت سان آهي، جيئن پهرين هئي، هن چيو ته ايتريون ڳجهيون طاقتون ڪنهن ٻي جماعت پٺيان هجن ها ته ڪڏهوڪ ختم ٿي چڪي هجي ها، پ پ قيادت جانين جون قربانيون ڏئي پارٽي کي بچايو، پارٽي جي بنياد ۾ چئني صوبن جي جيالن جو رت ۽ قربانيون آهن، مولا بخش چانڊيو چيو ته گيلاني ۽ راجا پرويز اشرف کي لاهڻ تي اوهان جي چهرن تي اطمينان هيو، اڄ اوهان کي عدالت نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي ته معاملو نيب ۾ به هلندو، معاملو عمر جو ناهي، عقل جو هوندو آهي، هن چيو ته عمران خان صاحب عقل جي معاملي ۾ بلاول اوهان کان تمام گهڻو مٿي آهي، چوندا هيا، نوجوانو عمران خان جي پٺيان اچو، عمران خان نوجوان آهي، سامهون نوجوان بلاول آيو ته ٻار ٿا ڪوٺيو، هن چيو ته صادق ۽ امين واري تلوار اوهان تي به هلندي خان صاحب، اوهان ڏسندئو ڪيترائي ٻيا چهرا هليا ويندا، اها ئي نيب اسان جي پٺيان پيل هئي، اسان جي ٻڌڻي ئي نه ٿي، اسان جي وڏي وزير جي وزيراعظم هڪ به نه ٻڌي، سعد رفيق سياسي ماڻهو آهي پر ڪڏهن ان ۾ تلخي اچي ويندي آهي، اسان جي قيادت چيو ته هاڻي بيوفائن سان ڪا ڳالهه نه ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت صه حلف نامي ۾ تبديلي جي ذميوارن کي منظر تي آندو وڃي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے