23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

افغاني ڳائڻي آريانا کي سوشل ميڊيا تي خودڪش ڌماڪي سان اڏائڻ جون ڌمڪيون

ڪابل(شوبز نيوز) ناليواري افغاني ڳائڻي آريانا سيد جي افغانستان جي جشن آزادي جي موقعي تي ڪنسرٽ ڪرڻ جي اعلان سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي ۽ ڪجهه ماڻهن طرفان ان جي ڪنسرٽ تي بم ڌماڪي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هر سال 19 آگسٽ تي افغانستان جي جشن آزادي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي ان موقعي تي مشهور افغاني ڳائڻي آريانا سيد ڪنسرٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي پر ان جي اهڙي اعلان سان ماڻهو خوش ناهن، سوشل ميڊيا تي ان جي اهڙي اعلان جي سخت مذمت ڪئي پئي وڃي. برطانيا ميڊيا مطابق آريانا سيدي گذريل ڏينهن فيس بل تي پنهنجي پرفارمنس ويڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ هوءَ وطن سان محبت تي ٻڌل گيت ڳائيندي نظر آئي، ماڻهن ان جي وڊيو کي گهڻو پسند نه ڪيو ۽ سندس بي عزتي ڪندي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن آريانا جشن آزادي ڏينهن ڪنسرٽ ڪئي ته سندس ڪنسرٽ ۾ خودڪش بم ڌماڪو به ٿي سگهي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن نفرت جو اظهار به ڪيو، ڪجهه ماڻهن ان جي قدم کي ساراهيندي چيو ته هو ساڻس گڏ آهن ۽ اوهان جو اهو ڪنسرٽ غلط سوچ رکندڙن لاءِ آهي، هڪ عورت آرياني جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اوهان جو ڪنسرٽ خيريت سان گذري ويندو خدا اوهان سان گڏ آهي. ٻئي طرف آريانا سيد پنهنجي اعلان تي ڄميل رهي ۽ چيو ته ان ڪنسرٽ مان ٿيندڙ ڪمائي جنگ متاثرن تي خرچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته پهريون ڀيرو نه آهي جو آريانا کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بنايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان ۽ رنبير ڪپور جي نئين تصوير سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني ادڪارا ماهرا خان ۽ رنبير ڪپور جون ويجهڙ ۾ ئي وائرل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي