24 جمعہ , نومبر 2017

سياست ڪري مونکي ختم نه ڪيو وڃي، مڪي آرٿر ڊمي ٽيسٽ وٺي ان فٽ قرار ڏنو: عمر اڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) مڪي آرٿر ۽ عمر اڪمل وچ ۾ تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي ۽ نوان انڪشاف اڳيان اچي رهيا آهن، قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل پريس ڪانفرنس بعد سوشل ميڊيا ذريعي ٽيم کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪهاڻي بيان ڪندي هڪ نئون انڪشاف ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمر اڪمل جو چوڻ هو ته ”ٽن چئن سالن کان مونکي هڪ منصوبي تحت ڪرڪيٽ کان ٻاهر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته منهنجي آخري سليڪشن مان اها شئي صاف صاف ظاهر ٿئي ٿي ته نيشنل ڪرڪيٽ آڪيڊمي ۾ منهنجي فٽنس ٽيسٽ ٿي هئي جنهن ۾ مونکي چئمپينز ٽرافي لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو، اتي هڪ ڳالهه صاف صاف ظاهر آهي ته چيف سليڪٽر انضمام الحق جي نيت صاف هئي ان لاءِ ان مونکي سليڪٽ ڪيو پر افسوس جڏهن مان انگلينڊ پهتس ته مڪي آرٿر هڪ منصوبي تحت سموري ٽيم جو ڊمي ٽيسٽ ورتو ۽ مونکي ان فٽ چئي واپس موڪلي ڇڏيو، اتي منهنجو شڪ هڪ ڀيرو وري يقين ۾ تبديل ٿي ويو آهي ته منهنجي خلاف سازش ٿي رهي آهي، سموري ٽيم ويسٽ انڊيز سان کيڏي اچي رهي هئي، ڇا تڏهن مڪي آرٿر کي علم نه هو ته ڪير فٽ آهي ۽ ڪير نه، اها فٽنس ٽيسٽ ان لاءِ ورتي وئي ڇو جو مونکي ان فٽ ڪرڻو هو ۽ واپس موڪلڻو هو، اتي هڪ ڳالهه گهڻي ضروري آهي ۽ منهنجي ڳالهه کي سچ ثابت ڪري ٿي ته جڏهن منهنجي فٽنس ٽيسٽ شروع ٿي ته يحيٰ حسين جيڪو اهڪ وڏو صحافي ۽ اينڪر آهي، ان چيو ته عمر هي ماڻهو اوهان کي واپس موڪلڻ چاهين ٿا، ڇو ته جيڪڏهن تون ٽيم ۾ رهندي ته اظهر علي يا محمد حفيظ ٻنهي مان هڪ ٻاهر ويندو، ان لاءِ هي چاهين ٿا ته تون ٽيم ۾ نه هجين، هن چيو ته هن مٿان جيڪي به الزام لڳايو ويندو آهن، انشاءَ الله آئنده انهن جي تفصيل ڏيندو، هن چيو ته سندس جيڪي به غلطيون آهن انشاء الله انهن کي دور ڪري ڇڏيندو، پر هن سان سياست ۽ ڪوڙ سچ ملائي هن کي ختم نه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽي 20 ڪپ ۾ مداحن جي گهٽ انگ پي سي بي کي پريشان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي 20 ڪپ ۾ مداحن جي گھٽ انگ پي سي بي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے