12 اڱارو , ڊسمبر 2017

مستونگ پوليس جي گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ڪارروائي، 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): مستونگ پوليس جي ڪارروائي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ اسپتال سانحي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ گرفتار سعيد تقويٰ به سامل آهي، جڏهن ته ٻين مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، پوليس موجب ڪجهه مهينا اڳ گرفتار ٿيل سعيد تقويٰ جاچ دوران اهم انڪشاف ڪيا ۽ تسليم ڪيو ته 8 آگسٽ سانحي ۾ اهو به شامل هيو، ان کانسواءِ سعيد تقويٰ مستونگ جي علائقي ڪانڪ ڪلي يارو ۾ پنهنجي ٻين ساٿين جي نشاندهي ڪئي، ان تي سي ٽي ڊي بلوچستان، اي ٽي ايف ۽ ٻيا پوليس اهلڪار گرفتار سعيد تقويٰ سان گڏ ڄاڻايل گهر ويا، اتي پهرين کان موجود ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن جي وڪڙ ۾ اچي سعيد تقويٰ موقعي تي مارجي ويو، پوليس جوابي فائرنگ ڪئي ۽ گهر اندر موجود 3 ڄڻا فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا، پوليس موجب مارجي ويلن جي قبصي مان ٻه ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پستول هٿ آيو آهي، پوليس ڄاڻايل گهر کي ڊاهي ڇڏيو، واضح رهي ته ڪوئيٽا پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته سعيد تقويٰ 8 آگسٽ سانحي جو ماسٽر مائينڊ هيو، ان کانسواءِ بيرسٽر امان الله اچڪزئي جي قتل، سيڪريٽري اعليٰ تعليم عبدالله جان جي اغوا سميت ڪيترن ئي سنگين واقعن جي الزام ۾ ڪجهه مهينا اڳ گرفتار ڪيو ويو هيو، پوليس لاش ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو، جن لاش اسپتال پهچايو، مارجي ويلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پارليامينٽ ۾ رڳو ڏينهن پورا ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے