21 منگل , نومبر 2017

پاڪ ايران سرحدي شهر تفتان ۾ واپاري گيٽ وي زيرو پوائنٽ بند، بيروزگاري وڌڻ لڳي

دالبدين (ويب ڊيسڪ): پاڪ ايران سرحدي شهر تفتان ۾ واقع تجارتي گيٽ وي زيرو پوائنٽ جي مسلسل ٽن هفتن کان بندش، سوين مزدور پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ سبب شهر جون رونقون ڦٽي ويون، واپاريون سرگرميون پڻ معطل آهن، ايراني عملدارن اڻڄاتل سببن ڪري ٽي هفتا اڳ سرحدي شهر تفتان ۾ واقع پاڪ ايران تجارتي گيٽ وي زيرو پوائنٽ کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب زيرو پوائنٽ تي روزگار سان لاڳاپيل سوين مزدور واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن، جنهن سبب تفتان شهر جا رستا، بازار جون مارڪيتون ۽ واپاري مرڪز ويران ٿيڻ لڳا آهن، ٻئي طرف شهر ۾ کاڌ خوراڪ جي شين جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي، مزدوري کانسواءِ اتي واپار ڪندڙ ماڻهن ۽ دڪاندارن به پنهنجي پنهنجي دڪانن ۽ مارڪيٽن کي تالا لڳائي ڇڏيا، زيرو پوائنٽ جي اڪثر ڪري بند هئڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ پنج کان ڇهه هزار ماڻهن جي بيروزگار هئڻ جو خدشو آهي، جن ۾ محنت مزدوري ڪندڙ ماڻهن کانسواءِ گيراج، هوٽل، دڪان، نانبائي، سبزي وڪڻندڙ، دڪان مالڪ ۽ ٽرانسپورٽرز به خراب طرح سان متاثر ٿي رهيا آهن، پر نوٽيس وٺڻ وارو ڪير ناهي، ضلعي چاغي ۾ پهرين کان وڌندڙ بيروزگاري هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه بڻجي چڪي اهي پر رهيل سهيل ڪسر زيرو پوائنٽ جي مسلسل بندش پوري ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ايراني عملدارن زيرو پوائنٽ کي جلد نه کوليو ته سرحدي شهر ۾ باقي رهيل دڪاندار ۽ واپاري هجرت تي مجبور ٿي ويندا ۽ نيو ٽائون شپ تفتان ۽ سرحدي شهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے