24 جمعہ , نومبر 2017

نواز، حسين، حسن جي اڄ پيشي، نئب جو حديبيه ڪيس کولڻ کان انڪار:خاندان سميت جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان: نواز شريف

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هي تاثر ٺيڪ ناهي ته فوج جي سمورن سربراهن سان منهنجا لاڳاپا بهتر نه رهيا. ووٽ جي تقدس لاءِ خاندان سميت جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان. ادارن ۾ ٽڪراءُ روڪڻ صرف مون اڪيلي جي ذميواري ناهي. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي نواز شريف چيو ته عوام جي حڪمراني جو حق نه مڃڻ سبب ملڪ ٽٽو ۽ بنگلاديش نه ٺهي ها. نواز شريف چيو ته ووٽ جو تقدس نه ٿيڻ سبب ملڪ ٽٽو. آمرن عوام کي ووٽ جي پرچي منهن تي هنئي. نواز شريف چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءُ خلاف آهيان. پر ٽڪراءَ خلاف مون اڪيلي کي نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ هلائيندڙن خاص ڪري آمريت جيڪو ڪجهه  ملڪ سان ڪيو اهو تباهي جو نسخو هو. نواز شريف چيو ته فوج جي سمورن سربراهن سان لاڳاپا بهتر نه هجڻ جو تاثر غلط آهي. گهڻن سان لاڳاپا بهتر رهيا آهن. آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي سوديبازي ناهيان ڪندو. هن چيو ته مشرف ۽ ڪجهه ساٿي منهنجي خلاف هئا. فوج کي ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي خبر ئي نه هئي. ايئن ٻين آمرن ۽ فوج جي گهڻي حصي کي خبر نه هئي. نواز شريف چيو ته جي آءِ ٽي ۾ سندن بدترين مخالف ويٺل هئا پر ان باوجود ٻن پٽن ۽ نياڻي سميت پيش ٿيس. شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار پيش ٿيا. هن چيو ته عمران ۽ پي ٽي آءِ سبب جمهوريت کي نقصان پهتو. هنن کي اهو ڏک آهي ته نواز شريف کي ووٽ ڇو مليا. هو وزيراعظم کي ڪنڌ ۾ رسو وجهي ٻاهر ڪڍڻ چاهين پيا. هن چيو ته پي ٽي وي تي حملو ٿيو پر اسان ته صبر جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم ٿيڻ لاءِ جدوجهد نه پيو ڪريان. پر ووٽ جي تقدس جي تحريڪ هلائڻ گهران ٿو. هن چيو ته آمرن 33 سال حڪومت ڪئي باقي 18 وزيراعظم رهيا. سراسري طور اهي ڏيڍ ڏيڍ سال رهيا. 0329

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس پٽن کي اڄ نئب گهرائي ورتو آهي. نواز شريف، حسن ۽ حسين نواز کان عزيزيه اسٽيل مل سميت لنڊن فليٽن ۽ ٻين معاملن بابت پڇاڻو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نئب شريف خاندان خلاف جاچ شروع ڪئي آهي. نئب اڄ شريف خاندان کان پڇاڻو ڪندي. جڏهن ته ڪيپٽن صفدر، اسحاق ڊار ۽ ٻين کي نئب گهرائي جاچ ڪندي. هوڏانهن نئب حديبيه ڪيس ٻيهر کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. حديبيه پيپرملز ڪيسن ۾ اسحاق ڊار جو حلفيه بيان ڏنل آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد ڪراچي ۾ ڌرڻا جاري، عوام لاءِ آزار، اسٽريٽ لائيٽ بند، 2 گرفتار

اسلام آباد /ڪراچي(رپورٽر) ملڪ جي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ فيض آباد وٽ 18 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے