21 منگل , نومبر 2017

اين اي 120 تي ڪلثوم نواز جا ڪاغذ منظور

لاهور( م ڊ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري جي نامزدگي ڪاغذن تي مخالفن جا سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب اين اي 120 لاءِ مسلم ليگ ن جي اميدوار ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي مخالفن جا سمورا اعتراض رد ڪيا ويا آهن. ڪلثوم نواز جي نامزدگي تي پ پ، تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ طرفان اعتراض داخل ڪيا ويا هئا. ڪلثوم نواز اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ بدران پرڏيهه رواني ٿي وئي آهي. ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاغذ آصف ڪرماني جمع ڪرايا جيڪي منظور ڪيا ويا آهن. نواز شريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ 17 سيپٽمبر تي ٿيندي. ريٽرننگ آفيسر فيصلي ۾ چيو ته اعتراضن جي فوري طور جاچ نه ٿي ڪرائي سگهجي، ان لاءِ اهي رد ڪيا وڃن ٿا، اعتراض ڪندڙ معاملو اپيليٽ ٽربيونل ۾ کڻي وڃي سگهن ٿا. ٻئي طرف پ پ اميدوار فيصل مير فيصلي خلاف اپيليٽ ٽربيونل وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد جا ڪاغذ به منظور ڪيا ويا آهن. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ووٽ خريد نه ڪندا آهيون پر گهرندا آهيون. گهر گهر وڃي ووٽ گهرنديس.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ جٽادار امن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي(رپورٽر) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے