19 اربع , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز پروگرام : نيوز مارٽم

ڪراچي (رپورٽر) نئب هميشه وي آر ۽ پلي بارگين تي زور ڏيندي آهي سزائون ناهي ڏياريندي. ڏوهارين خلاف غلط ريفرنس داخل ڪيا ويندا آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي اينٽي ڪرپشن واري کاتي کي مضبوط ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر قاسم راڄپر عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام نيوز مارٽم ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته طاهر القادري کي گرمين ۾پاڪستان ياد ايندو آهي. ملڪ ۾ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪرائي تي ۽ ڏهاڙي تي ماڻهو گهرائي جلسا ۽ ريليون ڪڍي زندگي جو وهنوار متاثر ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي سدائين ڏکئي وقت ۾ غوث علي شاهه ياد ايندو آهي. حيدرآباد ۾ لساني بنياد تي يونيورسٽي قائم ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ذوالفقار ڀٽو جي نالي تي يونيورسٽي ٺاهي هڪ قاتل رهزن کي وي سي بڻايو ويو. ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر اهڙا ڪم هر علائقي ۾ ٿيڻ گهرجن. پروگرام ۾ ڳالهائيندي تجزئي نگار اعجاز شيخ چيو ته سنڌ جا کاتا سنڌ حڪومت هلائي ٿي انهن کي نوان کاتا ٺاهڻ جا اختيار به هئڻ گهرجن. خيبر پختون خواهه وارن به احتساب لاءِ پنهنجا ادارا ٺاهيا آهن. اهو به ڏسڻ گهرجي نئب اڄ تائين ڪيترن ماڻهن کي سزا ڏني آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن نئب کي ڏوهاري سڏيو آهي. وفاقي حڪومت قانون سازي ڪري، نئب کي مختصر عرصي ۾ ڪيس اڪلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.طاهر القادري جو اچڻ گو شهباز گو جو دليل آهي. باقر نجفي جي رپورٽ پڌري ڪئي وڃي. چوڌري شجاعت هر اليڪشن کان اڳ مسلم ليگ کي متحد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي.مسلم ليگ شروع کان وٺي اشرافيه جي پارٽي رهي آهي. نواز ليگ وڃڻ واري اهي. ويندڙ پارٽي سان ڪوئي هٿ ناهي ملائيندو. اسحاق ڊار دبئي هليو ويو آهي. هو سمجهي ويو هاڻي ڪم نه ڪري سگهندو. وزيراعظم هن جا اختيار گهٽايا هئا. حيدرآباد ۾ لساني يونيورسٽي گهرندڙ بادشاهي ٻار آهن. اهي ڪنهن قوم کي ناهن مڃيندا. پروگرام ۾ گفتگو ڪندي ذوالفقار واهوچو چيو ته صوبا وفاقي قانون ختم نٿا ڪري سگهن. سنڌ حڪومت خوف سبب نئب ختم ڪئي.اينٽي ڪرپشن جي مقابلي ۾ نئب سٺو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي وزيرن سميت ڪيترن ئي اعليٰ عملدارن تي نئب ۾ ڪيس هلندڙ آهن. نئب قانون ۾ ترميم ڪرڻ مرڪزي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو ڪم آهي. سنڌ جو اينٽي ڪرپشن کاتو 17 گريڊ کان مٿي آفيسر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کان منظوري وٺڻ جو پابند آهي. پيپلزپارٽي بنيادي طور تي جماعت اسلامي جو نعم البدل آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ  دبئي ويو آهي. ملڪ ۾ ڌرڻن ۽ جلوسن ڪري ٻاهرين سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي. هڪ سياسي پارٽي ملڪي ادارن تي حملا ڪيا. ڪجهه سياستدان چين جي سيڙپڪاري جي خلاف آهن. پيپلزپارٽي بحريا ٽائون هٿ سان ٺهرايو آهي. انهن هميشه سنڌ مخالف ڪم ڪيا آهن. ڪراچي ۾ سنڌي علائقن ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيا.029

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے