21 منگل , نومبر 2017

ڪجهه نااهل ماڻهو عدالتن ۽ ادارن کي للڪاري رهيا آهن: شيخ رشيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه نااهل ماڻهو عدالتن ۽ ادارن کي للڪاري رهيا آهن ۽ ناڪام ريلين کي عوام جي مقبوليت ٻڌائي رهيا آهن. عوامي تحريڪ جو ڌرڻو جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي ڇو ته جسٽس باقر نجفي جي رپورٽ پاناما ڪيس کان به وڌيڪ اهم آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جنهن ڏينهن حديبيه پيپر مل ڪيس کليو ان ڏنهن انهن ماڻهن جون رڙيون ٻڌيون ويون، هن چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ نيب حديبيه پيپر مل ڪيس بابت ريفرنس داخل نه ڪيو ته سپريم ڪورٽ وينداسين. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي ججن ڪوڙا ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي نرمي اختيار ڪئي آهي نه ته ان جي سزا 7 سال آهي. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن کي پنهنجو وزير اعظم سٺو نه پيو لڳي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته نئين وزير اعظم پذيرائي نه ملي، عوام مسلم ليگ ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهي ۽ ڌرڻي جي اجازت ڏيڻ تي هاءِ ڪورٽ جا ٿورائتا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے