23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز نيوز |اڄ اسان کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي: اڪبر ايس بابر

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو آهي ته اڄ اسان کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، عمران خان ٻن سالن کان اڪائونٽس جا تفصيل ناهن ڏنا.

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته عمران خان عدالتن مان ڀڳل آهي، اڄ وري هن پاڻ کي قانون کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پي ٽي آءِ فنڊن جي مڪمل ذريعن جو تفصيل نه ڏنو.

 هن چيو ته عمران خان جو ڪي پي ۾ احتساب آڻڻ وارو واعدو ڪوڙو نڪتو، پي ٽي آءِ چيئرمين ڪي پي ڪي ۾ ڪرپشن جي بدران احتساب کي ختم ڪري ڇڏيو.

اڪبر بابر وڌيڪ چيو ته خان صاحب توهان ڪرپٽ ماڻهن جي پذيرائي ڪري رهيا آهيو، ٻين صوبن ۾ توهان ڀائرن ۽ ڀينرن کي سياست ۾ اچڻ ڏنو ۽ راولپنڊي جي جلسي ۾ چيو ته قوم سان ڪوڙ نه ڳالهائيندس……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|فيصلي خلاف اپيلون منظور ٿيڻ بعد مشرف وائڙو ٿي ويو آهي: فرحت الله بابر

پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي