21 منگل , نومبر 2017

ولي بابر ڪيس ۾ موت جي سزا مليل فيصل عرف موٽا جي سزا ڪالعدم قرار

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪور لاڙڪاڻو بينچ ولي بابر شهيد قتل ڪيس ۾ موت جي سزا مليل فيصل عرف موٽا جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ڪيس کي ماتحت عدالت موڪلڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي ڪنڌڪوٽ جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڪندي. فيصل عرف موٽا کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مفرور هئڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي جڏهن ته ان کي نائن زيرو تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيو ويو هو. عدالت فيصل موٽا خلاف ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو. فيصل موٽا ولي بابر قتل ڪيس ۾ ڏنل سزا کي چيلينج ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت صه حلف نامي ۾ تبديلي جي ذميوارن کي منظر تي آندو وڃي: تحريڪ انصاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے