23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوام کي به آزادي ملڻ گهرجي

شبير سوڍڙو

چئبو ته پاڪستاني عوام نيٺ ذري گهٽ 70 هون پاڪستان جي عمر جو ڏينهن ملهايو،  ايتري عمر ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ هن ملڪ ۾ شايد انسان به گذاري ويا ۽ اڃا گذارين پيا،  انهن جو چوڻ آهي ته اسان ته ايتري عمر ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ٺاهي سگهياسين، اهي ئي غريب ۽ اٻوجهن جا اٻوجهه ئي رهياسين،  اهي  70 سال يا ان کان مٿي ڪيئن گذارياسين، ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، پياري پاڪستان سان گڏ گذريل  70 سال يا مٿي کان گذري ويا پر ان دوران جيڪي ڏکيا پيچرا ڏٺاسين ۽ سٺا سين، خبر ئي نه پئي، ڪي ٿا چون ٿا ته اسان جمهوريت کي هن ملڪ ۾ ڄمي حڪومت ڪري بيهڻ ڪڏهن نه ڏٺو. گهڻو تڻو ڊڪٽيٽر شپ، مارشل لائي دور هن ملڪ جي قيام کان وٺي هينئر تائين گذرندي ڏٺا، ائين لوليون لنگڙيون جمهوريتون آيون پر ٻه ٽي سال رهندي ۽ وري ڊهندي ڏٺيون يا جمهوريت جي ڪيترن ئي کلاڙين کي ڦاهي تي به چڙهندي ۽ جلاوطن ٿيندي ڏٺو؟! اهو ڇو ۽ ڪيئن ڏٺو يا ڦاهي تي ڇو چاڙهيو ويو، اهو هينئر جا انصاف ڏيندڙ ادارا ئي ٻڌائي سگهندا ۽ 70 سالن جي پياري جي پاڪستان جي ”بائيو ڊيٽا“ ڏسي ۽ پڙهي ٻڌائي سگهون ٿا!

بهرحال ان عمر دراز دوران هن ملڪ ڪيترائي  وڏي ”آبادي رکندڙ“ ۽ ”اڪثريت“ ڀائر ڌار ٿيندي ڏٺا، ڇا اڃا به هي پوڙهو ملڪ هينئر به ڀائر الڳ ٿلڳ ٿيندي ڏسي سگهي ٿو؟! خدا نه ڪري جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ هينئر جي ڀائرن کي هرو ڀرو کنڀڻ ۽ تشدد ڪري لاش اڇلائڻ جون روايتون ترڪ ڪرڻيون پونديون. ستر کان ايڪهتر هين سال ۾ داخل ٿيا آهيون، ”طاقتور ڌرين“ کي پياري پاڪستان جي عمر جو خيال رکڻ لازمي بڻجي ويو آهي،  آزادي وارو ڏڻ ڏسي اکين مان اهي ئي لڙڪ وهي ايندا ته  اسان اڃا ماضي جي جان نه ڇڏي ۽ مستقبل لاءِ سوچيو ئي ناهي، هن ڀونءِ جا ڀائر  70 سالن جي عمر رکندڙ پياري پاڪستان کان  ڇا ٿا چاهين، پر جيڪڏهن گهرجي ته اهو کين ملڻ جو حق به آهي يا نه؟!ايئن هرڪو 70 سالن دوران ايئن روئيندو رهيو ۽ رهندو، جيئن اڄ ميان نواز شريف کي اقاما روئاري رهي آهي، ڪنهن تي به پڇڻ، ڏسڻ وائسڻ کان اڳ غداريءَ جون تهمتون نٿا مڙهي سگهون اسان انهن امڙين جا جگر ۽ ڀينرن جي ڀائرن لاءِ پڇڻ ٿا چاهيون ته ڇوٿا پڪڙيا وڃن ۽ انهن جي به ٻڌڻ گهرجي ته اهي توهان ۽ اسان کان ڇا ٿا وٺڻ چاهين ۽ انهن کي ڇا گهرجي، ويهي ميٺ محبت سان ڳالهڙيون ٿين ته ڪهڙو حرج ٿيندو.

اهڙو جمهوري صدمو سهندڙ ۽  ٻن ٽن هفتن کان نااهل ۽ صادق ۽ امين نه رهندڙ ميان نواز شريف صاحب جيڪو پاڻ خلاف ٿيندڙ ملڪي انصاف ڏيندڙ اداري طرفان ان فيصلي مڃڻ کان انڪاري آهي اهو هن ملڪ جو هيرو، ليڊر، فرمانبردار پر جيڪڏهن اسان کنڀجي وڃون ۽  ۽ پڇڻ جي همت ڪريون ٿا ته اهو جرم آهي؟ ملڪ جي انصاف جا ڪيترا پاسا آهن، اها به خبر آهي، اهو هن ملڪ جي صحت ۽ عمر دراز لاءِ سٺو نه آهي، هينئر ملڪ ۾ نوان جشن ملهائجي رهيا آهن ان جي عمر کي ڏسي ٻين صوبن جي عوام تي رحم کائڻ جو وقت آهي، آباديون هيٺ مٿي ڪري ملڪي عوام جي وڌندڙ آبادي سان خيانت نه ڪرڻ گهرجي. هر صوبي جون گهرجون ملڪ ۾ رهندي ڏيڻ گهرجن ته جيڪر هر سال هن سال وانگر ڏڻ ملهائڻ جو مزو ئي ٻيو آهي،  عوام جو اهنج جهڙي تهڙي جمهوريت ۾ ئي آهي اهو تڏهن  ٿيندو جڏهن ڪو ايماندار به هجي، هينئر جيڪو عوام جو  حشر ٿيندي ڏسجي ٿو ته اسان ٻين طاقتن کي اچڻ جون دعوتون خود ڏئي رهيا آهيون ته پوءِ سڀ ڪنهن جا جشن الڳ الڳ هوندا. ملڪ اندر رهندڙ صوبن ۽ انهن جي قومن جي رستن کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ ۽ هرو ڀرو به اڪثريت ۽ اقليت جا ڦڏا فساد ڇڏي جو جتي پنهنجي وجود جي اڪثريت رکي ٿو ان جي حق حاڪميت کي مڃي اڳتي وڌائڻ کي گڏجي هلڻ ۾ بهتر ٿيندو.

انصاف  ڏيندڙ اداري کي انصاف ۾ رهندي انصاف ڏيڻ گهرجي نه ڪي ڪنهن جي دٻ دٻي تي، ائين به ٿي رهيو آهي، پوءِ ڀلي ڪنهن کي تڪليف ٿئي ٿي ته اها ٻي ڳالهه آهي،  جيڪڏهن انصاف ٿيندي يا نه ٿيندي ڪجهه شڪ شبها هجن ته پوءِ عوامي عدالتن ۾ وڃڻ جو حق آهي پر جڏهن سڀ ختم ٿي وڃي ۽ پوءِ ادارن تي آڱريون کڄن ته اهو به ملڪي صحت لاءِ  سٺو نه آهي.ميڊيائون ملڪي هر اداري تي اڄ ڪلهه ڪرڙي نظر رکنديون پيون اچن چاهي اندريون هجن يا ٻاهريون، انهن جو اثر اسان جي ملڪي ۽ عوامي مسئلن تي گهٽ پر ملڪي حالتن کي ڏسي اهو ئي  صلاحون ۽ تجويزون ڏئي رهيون آهن ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ملڪي آئين، قانون ۽ جمهوريت لاءِ خطرناڪ راند کيڏڻ برابر آهي، ان جو علاج بندوق نه پر امن، محبت، ڀائيچاري ۽ انصاف جي دائري ۾ رهي انهن طاقتن کي مڃڻو پوندو يا مڃين به ٿيون ته  سڀاڻي بندوق جو جواب بندوق سان ئي ملندو……..؟!

گذريل ڏينهن  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اهي ڳالهيون هينئر پيون ياد اچن ته ملڪ جو ڪافي حصو اسان وڃائي ويٺا آهيون، آزادي جي مناسبت سان هن  کي عوامي اهنج  پنهنجي نوڪري وڃائڻ کانپوءِ ياد آيا هجن يا  ايئن به ٿي سگهي ٿو ته هو ڪنهن غير سياسي قوتن کي  اهو سياسي  پتو کيڏي اهو ٻڌائيندو  هجي  يا  اڃا به کيس ڊڪٽيٽر کان جمهوريت جو مزو کيس ياد آيو هجي، بهرحال جو ڪجهه به هجي ميان صاحب به هن ملڪ جي طاقتور شخصيت آهي ۽ رهندو، ايئن نه هجي ها  ته هينئر ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ جيل حوالي هجي ها اها ٻي ڳالهه ته هو ڪنهن ننڍي صوبي سان تعلق نه ٿو رکي پر پوءِ به هن آزادي جي ڏهاڙي تي جيڪي ڳالهيون چيون آهن اهي پياري پاڪستان جي عمر کي ڏسي  غير جمهوري قوتن جي دلين ۾ اها ڳالهه  چڀندي ضرور هوندي. تنهن ڪري عوام کي آزادي جو ڏينهن آزادي سان ملهائڻ ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي