16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017
نڪور خبرون

ڇا توهان وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا توهان پنهنجي وارن جي واڌ ويجهه ۾ تيزي چاهيو ٿا پر ڪوششون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيو؟ ته پوءِ جاپان جي هن ٽوٽڪي کي آزمائي ڏسو. بس وارن کي رڳو چانورن جي پاڻي (اهو پاڻي، جنهن ۾ چانورن کي پچائڻ لاءِ اُٻاريو ويندو آهي) سان ڌوئڻ شروع ڪيو، توهان وارن جي واڌ ويجهه جي رفتار ڏسي رنگ رهجي ويندئو. جاپان ۾ عورتون صدين کان وٺي ان ٽوٽڪي تي عمل ڪري رهيون آهن. چانورن جو پاڻي وارن جي واڌ ويجهه کي تحريڪ ڏيندو آهي، انهن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ کوپڙيءَ جي صحت به بهتر بڻائيندو آهي. ان کانسواءِ اهو پاڻي وارن جي پاڙُن کي مضبوط بڻائي انهن ۾ چَمڪ به پيدا ڪندو آهي. اهو طريقي ڪار بلڪل آسان آهي ۽ ان ۾ ڪو خرچ به ناهي. بس وارن کي شيمپو سان ڌوئڻ کانپوءِ چانورن جي پاڻي سان انهن کي مالش ڪيو، جنهن جي 5 يا 10 منٽن کانپوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏندن کي اڇو ۽ چمڪدار بڻائڻ جو گهريلو نسخو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چوندا آهن ته انسان جي پهرين منهن تي پوندي آهي ۽ منهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے