19 جمعہ , جنوری 2018

سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ذهني ۽ جسماني تشدد :ماريا اسماعيل

اڄ جي دنيا ۾ خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي اڃا ترقي جي راهن تي مڪمل حيثيت ۽ درجو حاصل ڪري نه سگهيا آهن .تن ملڪن ۾ عورت جي حيثيت انتهائي خراب آهي .پٺتي پيل مُلڪن ۽ معاشرن ۾ رڳو مردن جا انساني حق مڃيا وڃن .عورت انهن حقن کان وانجهيل آهي پر ان سماج کي ٻڌئڻو پوندو ته عورتن تي تشدد انساني حقن جي ڀڃڪڙين مان هڪ آهي .اهڙن ملڪن ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون معمول طور تشدد جو نشانو بنجن ٿيون. ڇوڪري گهر،گهٽي ۽ ملازمت ڪرڻ وارن جڳهين کان ويندي گهرو توڙي ٻين تڪرارن ۾ به تشدد جو نشانو بڻجن ٿيون ،تشدد جي ڪري اهي سڪون ،عزت ۽ وقار جي زندگي نٿيون گذاري سگهن .

اسان جي پٺتي پيل سنڌي معاشري ۾ پڻ عورت کي غلام سمجهيو وڃي ٿو .عورت کي پنهنجي مفادن خاطر ڪنهن مرد سان ڪري قرار ڏئي ڪري گولين سان پروڻ ڪيو وڃي ٿو ياوري پنهنجي حوس جو شڪار بڻائي ان کان دنيا ۾ رهڻ جو حق کسيو وڃي ٿو .جتي عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳتي اڳتي نظر اينديون آهن ته اتي وري انهن جون ڄنگهون ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ مختلف طريقن سان ذليل ۽ رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .

هن معاشري ۾ عورت کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي هڪ غلام جيان انهيءَ تي پنهنجي حڪمراني هلائي ويندي آهي. ان جي سماجي حيثيت رڳو سنڀالڻ ۽ سندن خاندان کي وارث پيدا ڪري ڏيڻ کان وڌيڪ ڪجهه ناهيکيس پنهنجو ناهن سمجهندا پر مٿس واضح ڪرائن ته والدين به ڌيءَ  تنهنجو اصل گهر تنهنجي مڙس جو گهر آهي .هتي تون صرف مهمان جيان آهين .

پاڪستان جي قومي اسيمبيلي ۾ هڪ رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن جي موجب غيرت جي نالي تي سنڌ ۾ 2013 ع جي 7 مهينن ۾ 250 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو .جڏهن ته 2012ع ۾ سنڌ ۾ 391 ماڻهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو جنهن ۾ عورتن جو انگ 200 آهي .رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2011ع ۾ سنڌ ۾ 368 ماڻهن کي ڪاروڪاري جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي .ان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عورتن تي تشدد جا 76 واقعا پيش آيا آهن .سنڌ ۾ لڄالٽ جا سڀ کان وڌيڪ 42 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن .ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ سراسري طور 24 ڪلاڪ ۾ 8 عورتن سان لڄالٽ ٿيندي آهي  ۽ 70 کان 75 سيڪڙو گهريلو تشدد ڪيو ويندو آهي ،جڏهن ته 4کان 5 عورتن کي ملازمت جي جڳهه تي هيسايو ڪيو ويندو آهي .

سنڌ ۾ عورتن جي خلاف تشدد جي صورتحال تي هڪ غير سرڪاري تنظيم عورت فائونديشن پاران 2014ع ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن جي موجب سنڌ ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين تي تشدد جا 421 واقعا پيش آيا آهن هن ۾ 72 واقعن جو تعلق ضلعي خيرپور سان آهي .رپورٽن موجب عورتن جي خلاف تشدد معاملي جو اصل سبب سماجي رويا ۽ معاشي مامرا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 421 ڪيسز مان 197 ڪيس شهري علائقن جا آهن .ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 534 عورتن مان 249 (596سيڪڙو ) 6 شادي واريون عورتون آهن .جڏهن ته 67 سيڪڙو غير شادي شده 6 آهن .ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 76 عورتن کي قتل ڪيو ويو ،غيرت جي نالي 57 عورتون قتل،49 عورتن معاشي حالتن سبب خودڪشيون ڪيون،41 عورتن جو جرگو ڪيو ويو ،41 عورتن کي اغوا ڪيو ويو .مختلف واقعن ۾ 39 عورتون زخمي ٿيون،21 عورتن کي لڄالٽ  لڄالٽ جو شڪار بڻايو ويو .17 عورتن تي مختلف جڳهن تي جنسي حملا ڪيا ويا .جڏهن ته عورتن جا 19 خودڪشي جا واقعا پيش آيا آهن  .عورت فائويشن پاران پڌري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 91 متاثر عورتن جي عمر 19 کان 36 ورهين جي لڳ ڀڳ آهي .جڏهن ته 66 ننڍي عمر جون نينگريون آهن.13 ڪيس ۾ عورتن جي عمر 37 ورهين جي آهي .364 تشدد ڪيس ۾ عورتن جي عمر جي خبر نه پئي سگهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن جيڪي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن . ان ۾ خيرپور۾ 72،جيڪب آباد ۾ 46،لاڙڪاڻي ۾ 45،شڪارپور ۾ 28.سانگهڙ ۾ 27،بي نظير آباد ۾ 21،گهوٽڪي ۾ 21،نوشهروفيروز ۾ 16،ميرپورخاص۾ 15 ،ڪشمور 15،ٿرپارڪر ۾ 14 ،ڪراچي ۾ 12،جامشورو ۾ 12 ،دادو ۾ 11،حيدر آباد ۾ 9 ،بدين ۾ 8،قمبر شهدادڪوٽ ۾ 8 ،ٺٽي ۾ 7 ،مٽياري ۾ 4 ،عمرڪوٽ ۾ 4 ٽنڊومحمد خان ۾ 2 ۽ ٽنڊ والهيار ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن .جڏهن ته رپورٽ ۾ عورت فائونڊيشن جي سربراهه مهناز رحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت گهريلو تشدد ،لڄالٽ۽ جنسي طور هيسائڻ سميت ٻين عورتن جي حوالي سان جيڪي جرم ڪيا ويندا آهن تن خلاف عورتن کي قانوني تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي .هن چيو ته جيڪي متاثر عورتون آهي ان جي امداد ڪئي وڃي .

مددگار نيشنل هيلپ لائن پاران 2016 ع جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ عورتن تي تشدد وڌيڪ ٿي رهيو آهي  . عورتن تي تشدد ۽ هيسائڻ جا 7561 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن . رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏريل قومن جي اداري موجب پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو عورتون يا نينگريون زندگي ۾ هڪ دفعو پنهنجن ويجهن مائٽن هٿان جسماني ۽ جنسي تشدد جو شڪار ٿينديون آهن .مددگار هيلپ لائن موجب مارچ 2016ع ۾ 1553۾ ڪيس رپورٽ ٿيا.جڏهن ته جولاءِ ۾ 466 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن . 5 رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي جا 118ڪيس،سائبر ڪرائم جا 162 ڪيس،ذهني تشدد جا 793ڪيس،جسماني تشدد جا 337 ڪيس ،انساني اسمگلنگ جا 5 ڪيس،جنسي لڄالٽ جا 5 ڪيس ،غير قانوني حراست جا 16 ڪيس ،سڙڻ جا 3 ڪيس ،اغوا جا 293 ڪيس ،گهريلو تشدد جا 2092 ڪيس ،ڪاروڪاري جا 18 ڪيس ۽ هيسائڻ جا 562 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن

گذريل ڏينهن پيٽارين هيومن رائيٽس آرگنائيزيشن جي چيئرمين احسان کوسي، معين مگسي، عابد زرداري  ۽ ٻين سان گڏ عورتن تي تشدد بابت ملير پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو ته جديد دور ۾ به سنڌ اندر عورتن کي پنهنجي بنيادي حقن کان تمام گهڻو پري رکيو ويو آهي، هن جديد دور ۾ به سنڌ اندر عورتن جو اغوا ٿيڻ، ڪاري ڪرڻ يا گهريلو تشدد جا واقعا وڌي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ عورتن سان مختلف قسم جا 379 واقعا پيش آيا آهن، 50 کان وڌيڪ عورتن کي گهريلو تشدد ۽ 44 عورتن کي ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 75 عورتن مايوسي منجهان خودڪشي ڪئي آهي ۽ 76 عورتن ۽ نارين جي اغوا جا واقعا پڻ پيش آيا آهن، مختلف واقعن ۾ 22 کان وڌيڪ عورتن ۽ نارين کي لڄالٽ جو نشانو پڻ بڻايو ويو آهي. احسان کوسي افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته رڳو خيرپور ضلعي ۾ مختلف قسم جا 49 واقعا پيش آيا آهن، جنهن ۾ 14 کان وڌيڪ عورتن ۽ نارين کي اغوا ڪيو ويو آهي، 6 کان وڌيڪ خودڪشي جا واقعا ٿيا آهن، ڪاري جي الزام ۾ 3 ۽ 2 نارين کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو آهي، ايئن ئي نوشهروفيروز ضلعي ۾ 10 اغوا، 6 قتل، 4 خودڪشي ۽ 9 گهريلو تشدد سميت 33 واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 8 اغوا جي واقعن سميت مختلف قسم جا 24 واقعا پيش آيا آهن. هن ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن ۾ خودڪشي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو ٿرپاڪر ضلعي ۾ گذريل 5 مهينن ۾ 8 کان وڌيڪ خودڪشي جا واقعا ٿيا آهن، جڏهن ته عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور ۾ به خودڪشي جا واقعا وڌي رهيا آهن، اهڙين واقعن وڌڻ جو ڪارڻ گهريلو تشدد، لڄالٽ ۽ خوف آهي، جڏهن ته نوشهروفيروز، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ اغوا جا واقعا پڻ وڌي رهيا آهن، گذريل 5 مهينن ۾ خيرپور ضلعي ۾ 14 کان وڌيڪ اغوا جا واقعا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته نوشهروفيروز ۾ 10 ۽ شڪارپور ۾ 7 کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آهن. احسان کوسي سنڌ اندر وڌندڙ واقعن کي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته عورتن تي مختلف قسم جا 49 واقعا رڳو خيرپور ضلعي ۾ پيش آيا آهن، جڏهن ته نوشهروفيز ۾33،  شڪارپور ۾ 24، لاڙڪاڻي ۾ 24، سکر ۾ 21 گهوٽڪي ۾22، حيدرآباد ۾ 18، دادو ۾ 19، ڄامشورو ۾ 14، ڪراچي ۾ 14 سانگهڙ ۾ 18، بدين ۾ 13، ميرپور خاص ۾ 9، ٿرپارڪر ۾ 12، عمرڪوٽ ۾ 8، ٺٽو ۾ 6، ڪشمور ۾ 12، شهيد بينظير آباد ۾ 8، مٽياري ۾ 7 ۽ ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ 4 مختلف قسم جا واقعا ٿيا آهن، جڏهن ته ان کان وڌيڪ اهڙا واقعا آهن، جيڪي مختلف سببن ڪري رپورٽ ئي نه ٿي سگهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ شڪايتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ عورتن کي اسيمبلي مان پاس ڪيل بلن بابت آگاهي ڏني وڃي، جئين ان بابت کين ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. چيئرمين پيٽارين رائيٽس آرگنائيزيشن احسان کوسي اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪندي چيوته سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي نائلا رند  ڪراچي ۾ زيادتي جو شڪار 15 ورهين جي اقرا ۽ ڪراچي ۾ ئي پيٽرول هاري ساڙيل 15 ورهين جي صدرا سنديلو سميت سنڌ اندر عورتن سان ٿيندڙ تمام زيادتين جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي ۽ ٺاهيل قانونن مطابق عورتن جي حقن تي ڪم ڪندڙ سمورين تنظيمن جي سهڪار سان ٿيندڙ ظلم جي بروقت رپورٽ ۽ ظلم جو نشانو بڻجندڙ ناڻين کي پناهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي ازالي جو طريقيڪار جوڙيو وڃي.

سنڌ اسيمبليءَ عورتن جي عالمي ڏينهن 8 مارچ 2013ع تي عورتن تي گهريلو تشدد جي خلاف هڪڙو بل پاس ڪيو .جيڪو 12 مارچ تي سنڌ جي گورنر منظور ڪري اماڻيو ۽ 19 مارچ تي اهو بل ائڪٽ جي صورت ۾ گزيٽ پڌارئي ۾ شائيع ڪيو ويو.اهو بل گزيٽ ۾ (the domestic violencep revention and  protection :Act 2013,Sindh Act no xxof 2013 جي عنوان هيٺ لکيو ويو آهي .سڄي سنڌ لاءِ لاڳو ڪيل ان بل ۾ تشدد سهندڙ عورتن جي بچاءِ جا ڪيئي طريقا ڄاڻايل آهن .ان بل جي لاءِ سنڌ توڙي ملڪ جون ڪيئي غير سرڪاري تنظميون، عورت تنظميون ،سنڌ اسمبيلي ميمبر ن سان مسلسل رابطي ۾ هيون .انهن غير سرڪاري تنظمين ۾ Strengthening Participatory organization جو مهڙ وارو ڪردار رهيو آهي .

سنڌ اسيمبلي پاران جڙندڙ مختلف قانون انهن کي ان حيثيت سان لاڳو نه ٿي سگهڻ وارو سوال نه صرف سول سوسائٽي جون تنظميون ،وڪيل،يونيورسٽين جا استاد،تدريس ۽ تحقيق سان تعلق رکندڙ ماڻهو محسوس ڪن ٿا.پر قانونسازي ڪندڙن وٽ پاڻ به ڪواهڙو اتساهه جوڳو جواب ناهي جو سماجي تاڃي پيٽي ۽ ڀڃهه ڊاهه تي اک رکندڙ ماڻهو سمجهي سگهن ته ڪو اميد جو ڪرڻو آهي .سنڌ اسميبلي عورتن جي حيثيت تي 2015ع ۾ پراونشل ڪميشن آن وومين اسٽيٽس بل پاس ڪيو هو.جنهن ۾ اها تجويز هئي ان قانون پاس ٿيڻ جي 90 ڏينهن اندر ايڪيهن ميمبرن تي ٻڌل ڪميشن ٺاهي ويندي جنهن جي چئيرپرسن اهڙي تجربيڪار عورت هوندي جيڪا عورتن جي حقن توڙي سنڌ جي سياسي،سماجي،ٽقافتي ۽ اقتصادي صورتحال کي سمجهي سگهي ۽ عورتن خلاف ڪنهن به اهڙي ڀڃڪڙي تي ڪو اثرائتو قدم کڻي سگهي .ان سان گڏ سنڌ صوبي جي هر ڊويزن جي نمائندگي هوندي جنهن ۾ مذهبي اقليتن مان به هڪ عورت ۽ ست مرد ميمبر هوندا ،جن جي به هڪڙي سڃاڻپ ۽ ساک هوندي جيڪي عورتن جي حوالي سان خاص طور تي صورتحال کي سمجهي سگهن.ان حوالي سان سنڌ سرڪار مارچ 2017ع ۾ ان ڪميشن جي چيئر پرسن توڙي ميمبرن جي چونڊ جي لاءِ انٽرويو ڪيا هيا .جنهن جي اڃا تائين شڪل نه جڙي سگهي آهي .ڳالهه اها آهي ته ان قانون جي ٺهڻ توڙي ڪميشن جي ترت بنجڻ لاءِ ايس پي او سميت سول سوسائٽي جي ٻين آرگنائزيشن قانونسازي ڪندڙن تي زور ڏنو ته جيئن اهڙي ظلم ۽ اذيت ناڪ صورتحال کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهجي .

ظاهري طور تي سنڌ سرڪار جاوزير وڏيون دعوائون ڪندا رهن ٿا.جڏهن به کانئن اهڙا سوال پچيا وڃن ٿا ته اهي سڀڪجهه ائين رواني سان چئي وڃن ٿا .جيڪو عملي طور تي مناسب ناهي اصل ۾ اهي پنهنجي علائقن ۾ ٿيندڙ اهڙن واقعن کان بي خبر هوندا آهن .چوڻ ۾ ته انهن صوبائي اسيمبلي مان سڀني صوبن کان وڌيڪ قانون پاس ڪرايا آهن پر ٻئي طرف انهن نون ٺهيل قانونن تي عمل درآمد جي ڪارڪردگي يقيني طور تي ٻڙي آهي .آئين ۾ 18 هين ترميم کان پوءِ چئن ئي صوبن جي اسيمبلين کي ڪيترائي قانون جوڙڻ جا اختيار مليا آهن جنهن کانپوءِ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ليبر،انساني حقن ،عورتن جي حقن ،نوجوانن جي حقن ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي قانون پاس ڪيا آهن.پر بدقسمتي سان انهن مان اڪثريتي قانونن متعلق رورس آف بزنس اڃاتائين نه جوڙيا ويا آهن .

پاڪستان م عورتن جي حيثيت قومي ڪميشن اڳ ئي وفاقي سطح تي جولاءِ 2000ع کان وٺي ڪم ڪري رهي آهي .جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اهڙيون صوبائي ڪميشنون ڪافي سال اڳ جڙي چڪيون آهن .سنڌ م حڪمراني جي بحران سبب ان جهڙا ڪيترائي نوان قانون جوڙيا ويا آهن .عورتن جي جيثيت واري ڪميشن جي قانون موجب ان ڪميشن ٺهڻ جو قانون پاس ٿيڻ جي 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجي ان حوالي سان گذريل سال آگسٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ ٻڌڻي ۾ سنڌ سرڪار عدالت کي ٻڌايو هوته عورتن جي حوالي سان ڪميشن سال 2016ع جي آخر ۾ جوڙي ويندي .پر سنڌ سرڪار سال 2017ع جي 12 اڌ گذرڻ جي باوجود به اها ڪميشن جوڙي نه سگهي آهي،

جڏهن ساڳي وقت پنجاب جي صوبائي سرڪار نه رڳو اهڙي ڪميشن ٺاهي ورتي آهي پراها پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي .اتان جي عورتن تي سماجي ڏمر يقيني طور سنڌ جي ڀيٽ م گهٽيو آهي .اها پنجاب سرڪار جي ڪاميبابي آهي پر اسان پنهنجي صوبائي سرڪار جي اهڙي بيباڪي جي اوسيئڙي ۾ آهيون ته جيئن اسان روزانو اهڙين بربريت وارين خبرن پڙهڻ بدران زندگي جي ٻين حسناڪين جون خبرون پڙهي سگهيون جيڪي انسان جي زندگي کي ڪو اتساهه ڏئي سگهن .

سنڌ اندر روز انسانيت کي لڄائيندڙ ڪڌا واقعا جيڪي خاص طور تي وڏن شهرن ۾ معمول بڻيل آهن جتي وقت اڳ معصوم جانين کي وحشي صفت انسان موت جي ننڊ سمهاري ٿاڇڏين پرڪير به انهن درندن جي واڳ جهلڻ وارو ناهي .اهڙن ئي ڪڌن واقعن سان مشابهت رکندڙ واقعي ٺاروشاهه جهڙن ننڍڙي شهر ۾ به ڪرکنيو جتي وحشي صفت هڪ دوريش نينگري صائما تنيو کي زيادتي کان پوءِ  باهه ڏئي زندهه ساڙي ڇڏيو آهي .پر واڳ ڌڻي جنهن جو ڪوبه تحرڪ نظر نٿو اچي .صائماتنيو جو موت انتهائي افسوس ناڪ آهي جنهن مهذب انسان ذات جو ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو آهي .ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي هڪ سيد ذات جي عورت رشيده شاهه سان ٿيو .جنهن کي 13 مارچ جي رات تي گهر ۾ گهلي ڪوڏرين ۽ ڏاٽن سان وار ڪري قتل ڪيو ويو .ان وقت بي پهچ ڪمزور عورت رشيده شاهه پنهنجي مڙس عباس شاهه کي خداجا واسطا ڏناته کيس بي گناهه قتل نه ڪيو وڃي پر عباس شاهه جي اکين ۾ ان وقت خون سوار هو ۽ هن ٽن ٻارن جي ماءُ رشيده شاهه کي گهر جي اگڻ تي گهلي ان جون اکيون ڪڍيون هيون.ان وقت رشيده شاهه وڏيون دانهون ڪري الله کي ٻاڏائي رهي هئي ته اي منهنجا ڌڻي مونکي هن ظالم کان بچاءِ پر عباس شاهه هن جي هڪ به نه ٻڌي انسانيت جا ليڪالتاڙيندي هن ظالم ويتروحشت ۾ اچي بيبي رشيده شاهه جون اکيون ڪڍيون ۽ چهري سان بيدردي سان وارڪري تذليل ڪئي .اهڙي طرح پسند جو پرڻوڪندڙ ڪلثوم سومرو عدالتي حڪم جي باوجود بازياب نه ٿي سگهي آهي .بدين کان 20 ڪلوميٽر پري وهڻائي شريف پرسان ڳوٺ عثمان سومرو مان گهران نڪري پيارجو پرڻوڪندر ناري ڪلثوم سومرو هن وقت بااثرن جي قيد ۾ آهي .جتي کيس ذهني ٽارچر ڏئي سندس ئي مڙس خدابخش ملاح کان ڌار ٿيئڻ جو بيان عدالت ۾ ڏيڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي .پر جرڳي ذريعي الڳ ڪيل هن هن جوڙي کان ڪجهه وڏيرا ڊنل به آهن .انهن کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪلثوم سومرو کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته اُها وڏيرن ۽ مڙس کان ڌار ڪندڙ ظالمن خلاف بيان ڏيندي انڪري ظالمن پنهنجي انا ڪوڙي عزت کي پچائڻ خاطر ڪلثوم سومرو کي باندي بڻائي رکيو آهي .ڪلثوم سومرو پسند جو پرڻو ڪري ڪو ڏوهه ناهي ڪيو جنهن جي ايتري وڏي سزا ڏني وئي آهي .پيار جي پرڻي جو حق اسلام ۽ قانون به ڏنو آهي .جڏهن جرڳائي وڏيرن ڏنو ته عدالتي حڪم به اسان جي خلاف اچي چڪا آهن ته هنن ڪلثوم سومرو ئکي بدين مان ٽٺي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ڀوتار حوالي ڪيو ويو آهي .جڏهن جوڙي کي الڳ ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ناري جيڪڏهن محفوظ هجي ها ته سندس پي عبدالغر يز وٽ ئي محفوظ هجي ها .پر پي معصوم ڪلثوم سومرو کي جرڳائي وڏيرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي جتان واپسي ضرورٿيندي پرڪڏهن ٿيندي تنهن بابت عدالت ئي فيصلو ڏيندي .

سنڌ جي وڏيرن جيڪو چاهيو سو ڪيو ان حوالي سان اسان عومي آواز جي بدين جي رپورٽر رازق کوسي کان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته ناري ڪلثوم سومرو عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته هوءَ پنهنجي گهروارن سان رهڻ چاهي ٿي .عدالت اڌڪلاڪ مڙس سان ڳالهين جي اجازت ڏني ۽ چيو ته سوچي ڪري فيصلو ٻڌايو .اڌڪلاڪ کان پوءِ ناري ڪلثوم سومري جو ساڳيو بيان هو ته هو پنهنجي والدين سان وڃڻ چاهي ٿي .عدالت ڪلثوم سومري کي پنهنجي مائث سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي .اهڙي طرح هڪ پسند جي پر ڻي جو خاتمو ٿي ويو .رازق کوسي وڌيڪ ٻڌايو ته ذريعن کان ڃاڻ ملي آهي ته جرڳائي وڏيرن برادري جي ڪجهه نوجوانن کي ناري ڪلثوم سومري اڳيان آڻي چيو ته جيڪڏهن زندگي پياري آهي ته اٿئي ته هنن مان ڪنهن به هڪ برادري جي نوجوان سان نڪاح ڪري .هن چيو ته وڏيرن جي دٻاءُ ڪري ڪلثوم سومري والدين سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو آهي

جڏهن ته جيڪب آباد ۾ مهيني ۾ٽن عورتن جو قتل ڪيو ويو ان حوالي سان عوامي آواز جي جيڪب آباد جي اڳوڻي رپورٽر رجب علي سومري ٻڌايو ته گذريل سال پوليس جي رپورٽ موجب عورتن کي ڪاري ڪري مارڻ جو تعداد وڌيڪ آهي، جڏهن ته ته جيڪب آباد ۾ ڪافي وقت کان پوءِ وري عورتن سان ٿيندو ويڌن ۽ افسوس ناڪ واقعن جو سلسلو تيز ٿيندو پيو وڃي ملڪي قانون ۾ ڪاروڪاري جي الزام ۾قتل ڪرڻ جو سڌو سنئون فريادي هاڻي مقامي انتظاميا کي ڪيو وڃي ٿو جنهن جي ڪري ڪاروڪاري جي واقعن ۾ ٿوڙي گهثتائي ٿي آهي پر گذريل مهيني اندر جيڪب آباد جي مختلف واقعن ۾ شهر جي ٽنهي ٿاڻن جي حدن ۾ ٽن عورتن کي گهر جي اندر مختلف سبب ڄائائي ڳلاڪپي ابدي ننڊ سمهاريو ويو آهي.هن ٻڌايو ته 27مارچ تي جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد ڦول باغ پاڙي ۾ اقرااسڪول ڀرسان وحشي جوابدارن عبدالستار خاراني جي گهر ۾ گهڙي اگهور ننڊ ستل سندس معذور وڌيءَ 22ورهين جي امام زادي جو ڳلو ڪپي ڇڏيو ۽ لاش جي تذليل ڪندي واقعي واري هنڌ تاڻ لاش گيهلي گهر ٻاهربان هڪ کڏکوٽي لاش دفنائي معاملو لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رجب علي سومري ٻڌايو ته پوليس جي جاچ تي لاش گهر جي ٻاهران بنا ڪفن جي ملي هئي. رجب سومري چيو ته ان قتل ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل سدابخش بروهي ناري جا ڀائر ۽ سئوث شامل آهن .رجب سومري چيو ته ان حوالي سان اسان جو رابطو جيڪب آباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر مير احمد نواز پيچوهو سان لٿو جنهن چيو ته حقيقت ۾ اڃان تائين اهو واضع نه ٿي سگهيو آهي ته معذور نياڻي کي ڪهڙي گناهه سبب بي دردي سان قتل ڪيو ويو .چئوٻول آهي ته مقتولا نياڻي موبائل فون تي ڳالهائي پئي ته شڪ ۾ قتل ڪيو ويو .جڏهن موبائل تي ڳالهائڻ مان به پتو ناهي پيو ته هو ڪنهن سان پئي ڳالهائي يااهو ڪوڙو الزام آهي .ٻئي پاسي 6 فبيروري تي جيڪب آباد جي صدرٿاڻي جي حد ڪريم آباد پاڙي ۾ وحشي جوابدار محرم پنهور سڱاوتي تڪرار تان پيڪن ۾ ترسيل پنهنجي نوجوان زال مسمات حوا چکڙو کي معصوم ٻارن اڳيان ڏينهن ڏٺي جو سهري جي گهر ۾ داخل تي چاڪن جا وار ڪري ڳلو ڪپي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو .هوڏانهن 18مارچ تي ساڳي طرح ٿيل واقعي ۾ جوابدار مڙس علي رضا مغل  نوجوان زال مسمات ثمر عرف سحرمغل  جوڳلو ڪپي ماري ڇڏيو آهي .

سنڌ ۾ عورتن جي حوالي سان قانون پاس ٿيڻ کان پوءِ به عورتن جي تذليل جاري آهي ان جو هڪ مثال کپري جو واقعو آهي جنهن جي علائقي هٿونگو ۾ اوباش نوجوانن عورتن سان وچ شهر ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪندي هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، عورتن پاران انڪارڪرڻ تي کين تشدد ڪندي زبردستي لڄالٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي .جڏهن ته اوباش نوجوانن پاران ڇيڙڇاڙ ڪرڻ دوران ٽنهي عورتن جاڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا   .شهري تماشو ڏسندا ۽ وڊيو ڀرندا رهيا .متاثر عورت نورجهان اهڙي شڪايت کڻي  هٿونگو پڪٽ تي پهتي پر اتي موجود اهلڪارن ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪندي عورتن  کي داٻاڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.اهڙي واقعي کانپوءِ ڊي ايس پي کپرو محمد يونس بلوچ نوٽيس وٺندي کپرو پوليس کي جوابدار گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو .هوڏانهن اوباش نوجوانن پاران شهر ۾ سرعام عورتن جي تذليل ڪرڻ واري عمل تي سڄاڻ ڌرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي .

سنڌ اندر عورت جي تذليل ڪهڙي نموني ڪئي ويندي آهي ان جو تازو مثال حيدرآباد ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ ڪجهه سماج دشمن ماڻهن هڪ مسافر عورت شڪيلا کي رسن سان ٻڌي بجلي جي ٿنڀي سان گڏ نٽهڻ اس ۾ بيهاري ڇڏيو هو ،ڄڻ هنن وڏي ڪنهن دهشتگرديا ڏوهاري کي پڪڙيو هجي .هڪ اڪيلي عورت جيڪا رڙيون ڪندي رهي کيس رسن کان آجو ڪري پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيڻ ڏنو وڃي پر انهن ماڻهن کي ٿورو به احساس نه ٿيو ۽ هو تماشو لڳائي ويٺارهيا.سماج دشمن جي گهيري ۾ آيل اها عورت اهو چوندي رهي آئون قلندر جي فقيرياڻي آهيان ۽ نوراني جي زيارت ڪري موٽي آهيان .جڏهن ته پوليس جو موقف آهي ته عورت جو ذهني توازن درست نه هو گاڏين کي پٿر هڻي پئي پرڪنهن کي حق نٿو رسي ته هڪ انسان کي ائين رسن سان روڊ تي لڳل بجلي جي ٿنڀي ۾ ٻڌي ڇڏي .

ان حوالي سان عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امرسنڌو، انساني حقن جي تنظيم ايچ آر سي پي ثاسڪ فورس حيدرآباد جي ڪوآرڊينيٽرڊاڪٽر اشو ٽاما،سماجي اڳواڻ جاويد سوز،سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ۽ عورت اڳواڻ حسين مسرت شاهه  ڳالهائيندي چيو ته ڪمزور طبقو سمجهي ڪنهن عورت جي تذليل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.هاڻ اسان وٽ اجتماعي طور تي غير انساني وارتاءُ وارو لاڙو پيدا ڪيو پيو وڃي.ڪمزور ماڻهن سان مجموعي طور تي سماج ۾ اهڙو ظلم ٿي رهيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج ۾ اهڙو لاڙو پيدا ٿي ويو آهي جوڪير به ڪمزور سان گڏ نٿو بيهي ،ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هو ڪنهن به انسان سان اهڙو غير انساني رويو اختيار ڪري .هتي هر ڪوماڻهو پنهنجي عدالت پاڻ لڳائي ويٺو آهي،هڪ اڪيلي مسافر عورت جوڪهڙو ڏوهه ٿي سگهي ٿو .جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزاڏني وئي آهي .عورت جي تذليل واري معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي .ڪنهن کي به روڊ تي رسي سان ٻڌي چڏڻ انتهائي غير انساني عمل آهي .روڊن ۽ رستن تي ٿيندڙاهڙن واقعن تي ڪوبه ڏيان ڏيڻ لاءِ تيارناهي .

هنن چيو ته حد جي ٿاڻي جي پوليس پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ انهن سرگرمين کان ته واقف ضرورهوندي آهي .جن ۾ هٿ وجهڻ سان کين فائدو پهچي ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو نه هجي پر وچ روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو عورت جي تذليل ڪرڻ جهڙن واقعن کان پوليس لاتعلق رهي ٿي .ان لاءِ حد جي ٿاڻي جي پوليس کي به پنهنجي علائقي تي نظر رکڻ گهرجي .اڳواڻن چيو ته حيدرآباد ۾ عورت سان ٿيل غير انساني سلوڪ وارو واقعو قانون جي ڀڃڪڙي آهي .حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي .هنن چيو ته عورت کي ڪمزور طبقو سمجهي ظلم جو نشانو بڻائڻ واراواقعا روز جو معمول بڻيل آهن .

سينئر صحافي ادل سولنگيءَ چيو ته جنهن سماج ۾ عورت ۽ نياڻي کي ستن قرآنن برابر سمجهي ان جو احترام ڪيو ويندو رهيو آهي اتي ان احترام لائق عورت کي اڄ جو وحشي ۽ جنوني مرد ڏاڍاين جو شڪار ڪري رهيو آهي .هن چيو ته ڪٿي وري اجتماعي لڄالٽ ڪري عورت جي عزت تي راتاهو هنيو پيو وڃي .ڪٿي ڪنهن پيار پرڻي عيوضي پلاند م عورتون اغوا ڪري ساڻن جنسي ڏاڍائي ڪئي پئي وڃي ڪٿي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ عورتن جي عزتن تي حملا ڪيا پيا وڃن .ادل سولنگي چيو ته ڪٿي ڪارنهن الزام هيٺ اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو پيو وڃي .هن چيو ته ڪٿي وري نياڻين کي سڱ چٽي طور زوري زبردستي پرڻائي ساڻن ڏاڍائي ڪئي پئي وڃي .ادل سولنگي چيو ته اڄ سنڌ جي سماج جي اهڙي صورتحال ٿي وئي آهي .جو نام نهاد چڱن مڙس جون اکيون غريبن مٿان ڳجهن وارا لامارا ڌئي رهيون آهن خاص ڪري ٿورائي واراماڻهو ۽ معاشي طور هيڻائپ جو شڪار رهندڙ ماڻهن جون عزتون بگهڙن جي سامهون ٻڪرين جيان محسوس ٿي رهيون آهن .ادل سولنگيءَ چيو ته اڄ جڏهن سموري سنڌ ۾ عورتن جي عزتن تي وار ڪيا پياوڃن تڏهن ضرورت آهي اهڙن ڪردارن جي جن هزارين سالن کان وٺي سنڌ ۾ عورت نياڻي کي ستن قرآنن جو درجو ڏيندي فخر محسوس ڪيو هو ۽ نياڻين جي ميڙ اچڻ تي خون معاف ڪري ڇڏيا هُيا ۽ عورتن کي پنهنجي مٿي تي ٻڌل اجرڪ اوڍائي لکين عزتون ۽ احترام ڏينداهئا.

سينيئر صحافي وقار راهمون جو چوڻ آهي ته اسان وٽ سماج ۾ ايڏو شعور نه اچي سگهيو آهي، جو ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارين، جيڪي ماڻهو پنهنجي ڌيئرن کي اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي موڪلين ٿا ته نياڻيون هڪ عجيب صورتحال مان گذرن ٿيون، يونيورسٽي ويندي رستن تي اوباش ڇوڪرن جي حرڪتن سبب نياڻيون ويچاريون تمام پريشان ٿين ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اهي تعليمي ادارن ڏانهن اچن ٿيون ته ڇڙواڳ ڇوڪرا انهن تي هوٽنگ، گانا، تنگ ڪرڻ ۽ بداخلاقي ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، تعليمي ادارن ۾ به ماڻهو عورتن کي گندي نظر سان ڏسن ٿا، جنهن سان به اهي ذهني پريشاني جو شڪار رهن ٿيون، انهن اوباش نوجوانن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم کان محروم ٿيو وڃن .وقار وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج ۾ عورت پنهنجي حقن خلاف آواز به نٿي اٿاري سگهي، جيڪڏهن آواز اٿارڻ جي ڪوشش به ڪندي ته عورت کي غلط سمجهيو ويندو آهي، اسان جي هن معاشري ۾ پئسن عيوض به نياڻين جو وڪرو ٿيندو آهي، هتي عورتن کي مارڪيٽ ڪري انهن جو آواز دٻايو وڃي ٿو، اسان جو سماج ايترو ته خراب ٿي ويو آهي جو ننڍن نابالغ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن سان بدفعلي ۽ جنسي تشدد جو لاڙو به وڌي رهيو آهي،

فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبليءَ ۾ عورتن جي تحفظ واري پاس ٿيل بل بابت ڳالهائيندي چيو ته قانون هڪ هٿيار هوندو آهي ان کي استعمال ڪهڙي طرح ڪيو وڃي اهُو پنهنجي مٿان هوندو آهي .هن وڌيڪ چيو ته سنڌاسبميلي عورتن جي حوالي سان مختلف بل پاس ڪيا آهن پر اصل ڳالهه ان قانون تي عمل ڪرائڻ آهي .مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ آهي اسان جي سنڌ ۾ هڪ مائينڊسيٽ آهي جيڪو اسبميلي ۾ موجود آهي ۽ اهو جرڳو ڪري عورتن جي خلاف فيصلو ڏيندو آهي .مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته ان جي مائينڊسيٽ کي بدلائڻ لاءِ عورت کي اڳتي اچڻو پوندو چوته عورت ننڍپڻ ۾ پنهنجي پٽ جي ذهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ناهي .هن چيو ته جيستائين عورت کي برابري جا حق نه ڏنا ويندا ان وقت تائين عورت جي عزت نه ٿي سگهندي .مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ آهي ته مائينڊ سيٽ صرف وڏيرن جو نه پر غريب مرد جو به بدلائڻ ضروري آهي ته ڪهڙي طرح عورت جي عزت ڪن .هي وڏو ڪم ماءُ جو هوندو آهي .هن چيو ته هتان جون زميني حقيقون اهڙيون ناهن هتي جا اصل مسئلا غربت ۽ تعليم جو نه هجڻ آهي .عورتن کي سماج ۾ آزاد زندگي گذارڻ جا موقعا به ناهن .

زيبيسٽ جي ڊائريڪٽر وحيده مهيسر چيو ته عورت جي عزت ۽ حقن جي لاءِ اسان جي معاشري جي مردن جو تعليم يافته هجڻ ضروري آهي .هن چيو ته ان جو ذهن ان وقت تبديل ٿيندو جڏهن هڪ مرد تعليم يافته هوندو .وحيده مهيسر پنهنجي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندي آهي .هوءَ هڪ درزيءَ جي ڌيءَ آهي .هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين جي غريب عورتن کي مختلف هٿ جي هنرن جي تربيت ڏئي هنن کي مالي طور تي پاڻ ڀرو ڪيون .

سگا جا باني چئيرمين ۽ زيبسٽ بورڊ آف ٽرسٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته بنيادي مسئلو تعليم آهي جيڪا عورتن سان گڏوگڏمردن جي لاءِ به ضروري آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جي معاشري ۾ تعليم جو معيار اهو نه آهي جيڪا هجڻ گهرجي .

سراج الحق انسيٽيوٽ جي چيئرپرسن ۽ مشهور ڪالم نگارا فهميده حسين چيو ته اسان جي معاشري ۾ جهالت جي ڪري عورت جي عزت نه ڪئي ويندي آهي .هن چيو ته اسان وٽ تعليم ته موجود آهي پر تعليم جي پاليسي بهتر نه آهي .جيڪا اسان کي ٻڌائي سگهي ته اسان هڪ عورت جي ڪهڙي ريت عزت ڪريون .هن چيو ته قانون ٺاهيا ويندا آهن پر ان تي عمل نه ڪرڻ ڪري ماڻهن جي دلين مان خوف ختم ٿي ويو آهي .هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي تعليم سان گڏ مرد جي تعليم به ضروري آهي ٻيو ته اسان جي تعليمي پاليسي کي بهتر ٺاهيو وڃي .

ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق چيو ته سنڌي عورت جو ايڪيهين صدي ۾ مقام ۽ ڪردار تي ڳالهائڻ کان اڳ اسان کي ملڪي تاريخ تي نظر ڊوڙائڻي پوندي ته سڀ کان پهرين عورتن جي حقن جي لاءِ آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جوڙي وئي پر جنهن ۾ عام عورت خاص طور تي سنڌي پورهيت عورت جي شموليت بلڪل نه هئي .هن وڌيڪ چيو ته ان کان پوءِ 1982ع ۾ وومين ايڪشن فورم جو بنياد ڪراچي ۾ وڌو ويو جنهن جي بنياد مغرب جي يوينورسٽيز مان تعليم حاصل ڪندڙ پارسي ،بنگالي ۽ سنڌي عورتن وڌو .هن فورم ضياالحق ۽ ايم آرڊي واري دور ۾ عورتن جي حقن ماڻڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي .جنهن جي باني ميمبرن ۾ آئون به شامل هئس .هن چيو ته پهريون عورتن کي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان لابنگ ۽ ايڊووڪيسي ڪرڻ پوندي، ڊاڪٽر غزالا وڌيڪ چيو ته اسان کي سنڌي عورتن جي سماجي ،سياسي ۽ معاشي حالت کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ مخلص اداري جي ضرورت آهي جيڪو سنڌي عورتن جي ذهني اوسر ،انهن ۾ سجاڳي پيداڪرڻ سندن بنيادي مسئلن ۽ حقن لاءِ آواز اثارڻ ساگڏ کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ معاشي رٿابندي ڪري جنهن سان ئي اسان موجوده وقت ۾ سنڌي عورت جي مقام ۽ رتبي کي نه رڳو اڀاري سگهون ٿا.پران جي قابليت ۽ هنر کي پڻ نروار ڪري سگهون ٿا،

هيءَ آهي اسان جي نام نهاد خوبصورت معاشري جي هڪ عورت جنهن جي بنيادي خواهش کان ويندي ان کان ڪابه راءِ نه ورتي ويندي آهي .پهريان ئي هوءَ اهو سڀ ڀوڳيندي آهي وري شادي کان پوجڏهن کي ڪنهن شخص جي حوالي ڪيو ويندو آهي ته وري هو شخص به ان عورت جي من ۾ باقي بچيل اميدن کي ماري ڇڏيندو آهي ۽ هو هر ڏينهن انهيءَ شخص جي اذيت ڀريل ورتاءُ ۽ طعنن کي سهندي آهي ۽ انهي شخص کي وارٽ به ڏيندي آهي .ڪاش هي معاشرو جيڪڏهن عورت کي برابر سمجهندي مردجيان سمورا حق ڌئي ۽ ان کي تعليم جي عظيم زيور سان روشناس ڪري ته جيڪر اسان جو اڄ جو معاشرو سڌري وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے