24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 3 ڪشميري شهيد، 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا

سرينگر( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج رياستي دهشتگرديءَ جو مظاهرو ڪندي ٽن جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حملي ۾ 2 ڀارتي فوجي به مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي شوپيان ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪري ٽن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج ڪارروائي دوران مسجد کي شهيد ڪيو ۽ 3 گهر به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. هوڏانهن شوپيان جي ضلعي زينان پورا ۾ نامعلوم ماڻهن جي حملي ۾ 2 ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيپٽن سميت 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا. شوپيان ۾ ڪشميري مظاهرين جي وڏي انگ ڀارتي فوج جي ظلم خلاف روڊن تي نڪري نعريبازي ڪئي. ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي پيلٽ گنز سان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪمرانن عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وِڌي، گئس اگهن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيبملي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے