22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

دهشتگردي خلاف هٿ تي هٿ رکي نه ويٺا آهيون: سردار ثناءَ الله زهري

ڪوئيٽا( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءَ الله زهري چيو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف هٿ تي هٿ نه رکي ويٺا آهيون، اسان ماضي ۾ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو آهي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار ثناءَ الله زهري چيو ته اڄ بلوچستان جون حالتون مختلف آهن ۽ امن امان جي صورتحال به بهتر آهي. هن چيو ته رياست دهشتگردي جي واقعن تي گهڻي قدر ضابطو آندو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ وقت هو جڏهن پاڪستان ۾ روزاني 6 کان 7 واقعا ٿيندا هئا، اسان هڪ وار زون ۾ رهي رهيا آهيون. سردار ثناءَ الله زهري چيو ته جتي ڪو وڃڻ جو سوچي نه ٿو سگهي اتي فورسز آپريشن ڪيا آهن. هن چيو ته اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن کي ڪئمرائن جي اڳيان شيئر نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته ڌماڪي کانپوءِ نواز شريف کيس فوري طور ڪوئيٽا پهچڻ جي هدايت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے