18 اربع , آڪٽوبر 2017

مُلڪ مان غربت ڪڏهن ختم ٿيندي

سڪينه سنڌو ڪنڀر
آخرڪار ھن قوم جي تقدير ڪڏھن بدلبي ،ھن قوم مان مايوسي ،محرومي،بيروزگاري ،بک بدحالي ڪڏھن ختم ٿيندي، ترقي ۽ خوشحالي ڪڏھن حاصل ڪبي ،دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڌارين جي غلامي مان آزاد ٿيل آھن ، پر انھن ملڪن تي نظر وجھبي ته اھي ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي علامت آھن ،۽ اسان لاءِ ھڪ روشن مثال آھن ،پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ قوم ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو ھو قو م ۽ ملڪ جا خيرخواه اڳواڻ ھئا، جن ملڪ ۽ قوم کي ترقي جي راھن تي گامزن ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا، پر وقت گذرڻ سان گڏ قوم ۽ اڳواڻن مان اھي جذبا موڪلائي ويا، عوامي نمائندن ،گورنمنٽ جي ملازمن، قوم ۽ ملڪ جي سرحدن جي رکوالن مان ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي جو جذبو موڪلائي ويو، اھي سڀئي صرف پنھنجي سڃاڻپ، وڌ کان وڌ ڌولتمند ٿي دنيا اڳيان پنھنجو وقار بلند ڪرڻ ۾ لڳي ويا،دولت،شھرت،وڏن عھدن جي لالچ ۾ غلامي مان آزاد ٿيل ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي وساري،ڪرپشن ۽ لوٽ مارشروع ڪئي وئي،جنھن جو نتيجو اڄ اھو نڪتو جو اڄ پاڪستان جو ٻچو ٻچو قرضي آھي،پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف ڪير آواز ته نٿو اٿاري،پر ٻيڻو انھن کي ئي معاشري ۾ عزت ڀريو مقام ملي ٿو ،۽ انھن جي صبح شام سلامي ڀري وڃي ٿي،آزادي وقت سياست ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪئي وئي ھئي ،ھاڻي ته سياسيت ڪرڻ جو قصو ئي بدلجي ويو آھي ،آھستي آھستي سياسي شعور ختم ٿي ويو ،۽سياست صرف عھدن ،ٺيڪن،ڪرپشن ۽ نوڪرين حاصل ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آھي،
پاڪستان 70 سالن جو پوڙھو ملڪ ٿي چڪو آھي ،آزادي جي گھڻي عمر گذرڻ کان پوءِ به ملڪ ۾ چوطرف نظر وجھبي ته قوم تان بک بدحالي ،بيوسي جو راڪاس اڃان تائين لامارا ڏيئي رھيو آھي، وڏن شھرن جي ھوٽلن جي ٻاھران ٻار، ٻڍڙار، عورتون، اوڀر ۽ اڇلايل کاڌي جي انتظار ۾ ھوندا آھن ،ڪچري جي ڍڳ تان پيٽ جي بک اجھائي پئي وڃي ننڍن علائقن ۽ ڳوٺن ۾ رات جا بکايل صبح جي سج اڀرڻ جو انتظار ڪندا رھندا آھن ،صبح ٿيڻ سان ماڻھن جي درن تي صرف ماني جي صدا ھڻندا آھن ن اھي مسڪين ھزارن ،سون روپين جي صدا نه ھڻندا آھن ۽ ن وري اڦراٽن ،پلائن جي صدا ھڻندا آھن ،اھي صرف ماني جي صدا ھڻندا آھن ،پوءِ اھا ماني پنجن ڏينھن جي پاروٿي ڇو ن ھجي ،جيڪا قوم رات ان آسري تي گذاري ته صبح ٿئي ته سڪل پاروٿي ماني ملي ،اھاقوم علم ۽ معاشي قدرن بابت ڇا ڄاڻي، پاڪستان جي آزادي کان پوءِ جيڪي ماڻھو ھن ڌرتي تي انگ اگھاڙا ،پيرين اگھاڙا ،بکيا آيا ،انھن جي تڪليفن کي محسوس ڪيو ويو ،ڌرتي جي وسيلن سان نوازيو ويو ،انھن کي خوشحال ڪيو ويو ،پر ھن ڌرتي لاءِ قربانيون ڏيندڙ اصلي رھاڪواڃان بيوسي واري زندگي گذاري رھيا آھن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي