18 اربع , آڪٽوبر 2017

سنڌسرڪار ٻڌائي ته ماڻهو ڇو پيا گم ٿين؟

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ ۾ آوز اٿارڻ جو اعلان ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي وارثيءَ جي ڄڻ ته هام هنئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت سنڌ سرڪار کان سوال ڪيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻڌائي ته سنڌ مان مسلسل ماڻهن کي ڇو کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. پر هن ماڻهن جي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ماڻهن کي گم نه ٿيڻ گهرجي. هن کان اڳ ۾ پارليامينٽ ۾ سينيٽر تاج حيدر کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ آواز اٿاريو هئو، جڏهن ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي اڃا تائين ڪا به اهڙي مدد يا دلداري ناهي ملي سگهي، جنهن جي آڌار تي سندن ڳڻتين ۽ ڳاراڻن جو ڪو ازالو ٿي سگهي.
اسان جو ملڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري تاريخي چارٽر تي صحيحون ڪندڙ ملڪ هجڻ باوجود روازنو ٿيندڙ انساني حقن جي مسلسل لتاڙ خلاف ڪو به تحرڪ نه وٺي سگهيو آهي. جنهن تي گهڻو افسوس ٿئي ٿو. اسان جو ملڪ اسلامي جمهوريه هجڻ جي حوالي سان انسانن جي اسلامي آزادي واري حق، فطري انساني حق، جمهوري حق ۽ شهري حق ڏيڻ جو ذميوار آهي. ڪنهن به انسان جي آزاديءَ خلاف عمل ڪندڙ ڪنهن به گروهه، ڌر يا ڪنهن اداري کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي، جڏهن ملڪ ۾ اعليٰ عدليا، پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام لاڳو هجي، ڪنهن به آمراڻي سوچ/طاقت ذريعي انساني حقن جي لتاڙ کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ جو انسان پنهنجي ملڪ جي اعليٰ عدالتن، آئين ۽ دستور جو وارث هجڻ جي حيثيت ۾ آزاديءَ جو حقدار آهي، جنهن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي سڀ کان پهرين ذميواري هوندي آهي، جنهن جي پورائي لاءِ ادارن جو وجود وڌو ويو آهي ته جيئن ملڪ جي عوام کي آزادي ۽ تحفظ جو احساس ڏياري کين قومي ڌارا ۾ شامل رهڻ جو اُتساهه ۽ ويساهه ڏياريو وڃي، جيئن ملڪ جو هر شهري قانون جو احترام ڪري ۽ قانون کان پنهنجي تحفظ جي گهر به ڪري. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پڻ سنڌ سميت ملڪ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري مامري تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي سلامتيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ تحرڪ وٺڻ جو بيان جاري ڪيو آهي. مٿين ڳالهين باوجود کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جي دلين تي اڃا تائين ڪو به ٿڌي پاڻيءَ ڇو ڇنڊو ناهي پيو، هو مسلسل ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سراپا احتجاج بڻيل آهن. هنن جو مطالبو آهي ته انساني حقن کي بحال رکيو وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري سندن سلامتي جو يقين ڏياريو وڃي.
اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجوفرض ۽ ذميواري نڀائيندي بي گناهه کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ تحرڪ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو سنڌ مان مسلسل ماڻهن جو کنڀجڻ ۽ گم ٿيڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي. جنهن جا خراب اثر به پيدا ٿي سگهن ٿا، ان کان اڳ ئي ڇو نه ماحول کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ واري وک کڻي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري ڪنهن اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي ماحول کي بهتر بڻايو وڃي.
اهو نه رڳو ملڪ جي سياسي قيادت پر پارليامينٽ ۽ اعليٰ عدليا جو به فرض آهي ته هو ملڪ جي ماڻهن کي آزادي ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ تحفظ ڏئي ۽ سندن حقن جي پائمالي ڪندڙ ڌرين کان قانوني طرح پڇاڻو به ڪري.هڪ جمهوري ملڪ ۾ جمهوريت کي پنهنجي روح ۽ مزاج مطابق وک کڻڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي احساس ڏيارجي ته آمريت جي نٽهڻ اُس جو انت آندو ويو آهي. عوام کي جمهوريت جي ٿڌڙي ۽ گهاٽي ڇانو جو ڀرپور احساس ۽ پڪ ڏياري وڃي ته جيئن ملڪ جو عوام ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجيون صلاحيتيون ڪتب آڻي انفرادي توڙي اجتماعي ترقي ماڻي سگهي.
آچر 13 آگسٽ 2017ع، 20 ذوالقعد 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترقي جي ضمانت جمهوريت ۾ آهي

پاڪستان سرڪار کي بنا دير هڪ ڪم ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ پنهنجا ٽپڙ ساري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي