19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

قلم جا وارث ئي سنڌ جا وارث آهن

آغا نور محمد پٺاڻ
ڪجهه ڏينهن اڳ انڊس ڪاٽيج لائبرري اسلام آباد جي لاءِ اسانجي دوست ممتاز اديب ۽ صحافي انور ابڙي پنهنجو تازو ڪتاب ”قلم جا وارث“ موڪليو جيڪو پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرز ڪراچي پاران ڏاڍو سهڻو ڇاپيو ويو آهي جنهن ۾ مصنف سنڌ جي 50 علمي ادبي شخصيتن جي زندگي ۽ انهن جي فن ۽ فڪر تي لکيو آهي. هي ڪتاب 268 صفحن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي انهن علمي ادبي شخصيتن متعلق اهي مضمون ۽ ڪالم گڏ ڪري شامل ڪيا ويا آهن جيڪي ليکڪ مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي پروگرامن ۾ پڙهيا ۽ لکيا آهن. ڪتاب جي شروعات ۾ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي اداري پاران ٻه اکر لکندي چيو آهي ته ڪتاب ”قلم جا وارث“ ۾ 80 سيڪڙو اهي اديب آهن جيڪي سندس صحبتي ۽ يار آهن، جن جي باري ۾ هو خوب ڄاڻي ٿو. انهن مان 20 سيڪڙو اهڙا ڏاها آهن، جن سنڌي سوسائٽي کي پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو آهي. انهن ۾ ڀٽائي سرڪار کان وٺي فيض احمد فيض، ابراهيم جويو، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، جمال ابڙو، اياز قادري، آغا سليم، شمشير الحيدري، علي احمد بروهي، علي بابا، قمر شهباز، انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش جا نالا هن لکيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري ناول نگار ۽ ڊرامه نويس سائين عبدالقادر جوڻيجي لکندي چيو آهي ته انور ابڙي جو هي ڪتاب تنقيد جي وصف تي پورو لهي ٿو جيڪا تخليق کي کولي پڌرو ڪري ٿي.
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران گذريل 30 سالن ۾ جڏهن غلام رباني آگرو، احمد فراز، فخر الزمان ۽ پروفيسر پريشان خٽڪ ان جا چيئرمين هيا ان زماني ۾ پاڪستان جي ادبي اڪابرن تي 400 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا هيا. انهن ۾ فيض احمد فيض، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سوڀو گيانچنداڻي، جمال ابڙو، مخدوم طالب الموليٰ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر تنوير عباسي جي متعلق اردو ٻوليءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن پر اهي سڀئي ادبي اڪابر ويهين صديءَ واري دائري ۾ اچن ٿا. ايڪويهين صديءَ واري دائري ۾ هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ پهرين شروعات آهي جنهن ۾ ليکڪ 50 شخصيتن تي مختصر ۽ جامع قلمي خاڪا لکيا آهن. ڪتاب جو عنوان ”قلم جا وارث“ ان ڪري رکيو آهي جو هن ان کان پهريون شيخ اياز متعلق هڪ ڪهاڻي ”قلم جو وارث“ لکي هئي. ليکڪ تحرير جو آغاز سنڌي ٻوليءَ جي سرتاج شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي سان ڪيو آهي جنهن جي شاعري هميشه اسانجي لاءِ گائيڊ بوڪ آهي. ڇاڪاڻ ته هو عاشقن، شهيدن، ڌنارن، پنهوارن ۽ ماروئڙن جو شاعر آهي جيڪي نه قيد کي قبوليندا آهن، نه موت کي مڃيندا آهن.
هن ڀٽائي کانپوءِ اردو جي شاعر فيض احمد فيض جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. جنهن سان سنڌ جا ماڻهو پيار ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته هن سماج کي بدلائڻ ۽ انساني آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ان کي ڪير به تاريخ جي ورقن مان خارج نٿو ڪري سگھي هي مضمون ان جي سؤ سالا جنم ڏينهن جي حوالي سان لکيل آهي.
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عظيم اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي سؤ سالن جي جنم ڏينهن جي حوالي سان هڪ انتهائي خوبصورت خاڪو لکيو آهي جنهن جي زندگي سنڌ جي هڪ صديءَ جي جيئري ادبي تاريخ آهي. هن لکيو آهي ته جويي صاحب جي صلاحيت ۽ پرک واري اک جو ان مان اندازاو لڳائي سگھجي ٿو ته هن شيخ اياز کي سڃاتو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏنو ۽ بعد ۾ شيخ اياز جي ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ جويي صاحب لکيا. هي مضمون پهرين آگسٽ 2015ع تي ڪراچي ۾ جويي صاحب جي 100 سالا جشن جي موقعي تي پڙهيو هيو. ان کانپوءِ ليکڪ اسان جي سنڌ جي ويهين صديءَ جي سڀ کان وڏي شاعر شيخ اياز جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن سنڌي ٻوليءَ کي نئين سر جياريو ۽ پنهنجي شاعري ذريعي اکيون، زبان ۽ ترانه ڏنا ۽ پنهنجي نظم توڙي نثر ذريعي نئين نسل کي فڪر ۽ نظر ڏني. هن لکيو آهي ته 1947ع کان اڳ واري سنڌ صرف ۽ صرف موقعي پرست سياستدانن ۽ جاگيردارن جي سنڌ هئي پر بعد ۾ سنڌي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن هڪ نئين سنڌ ٺاهي ۽ آخر ۾ هي سنڌ جو آواز بڻجي ويو.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ هڪ ڏاڍو سٺو عنوان لکيو آهي ته ڇا ڀٽائي ۽ اياز پاڻ ۾ (سنڌ متعلق) ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئي به پوندا هوندا؟ شيخ اياز متعلق اهو مضمون پڙهندي مونکي اهي ڪراچي جا ڏينهن ياد آيا جڏهن شيخ اياز سان پرنس ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي جي فليٽ ۾ اسانجون خوب ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ اهو ان جو گهر نه پر هڪ لائبرري هئي جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جو ادب اسان کي نظر ايندو هيو. ان زماني ۾ شيخ اياز روزنامه برسات جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نهايت تيز رفتاري سان عالمي ادب تي لکيو. هن ڪتاب ۾ اسانجي سنڌ جي هڪ ٻئي اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاهه لطيف جي مترجم، پروفيسر اياز قادري جو ذڪر به ملي ٿو ۽ مونکي اهي گهڙيون ياد اچن ٿيون جڏهن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران اسان هوٽل پرل ڪانٽينينٽل ۾ شيخ اياز سان هڪ شام ملهائي هئي جنهن ۾ اياز قادري به ان سان گڏ اسٽيج تي موجود هيو يعني ٻه اياز هڪ ئي محفل ۾ موجود هيا. ان کانپوءِ هاري تحريڪ جي اڳواڻ حيدر بخش جتوئي جو ذڪر آهي جنهن هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ 1945ع کان 1970ع تائين ڪافي جدوجهد ڪئي.
ڪتاب پڙهندي جڏهن نظر سوڀي گيانچنداڻي متعلق ليک تي پئي ٿي تڏهن ڪامريڊ جي ان سنڌ دوستي جو منظر سامهون اچي ٿو جڏهن هندو برادري جا ڪيترا ماڻهو سنڌ ۽ پنجاب مان هندستان لڏي ويا جيڪي اتي وڃي وزير، سفير ۽ وزير اعظم ٿيا پر ڪامريڊ پنهنجي ان حال ۾ سنڌ کي نه ڇڏيو ۽ 1940ع کان 1966ع تائين هڪ سرگرم سياسي اڳواڻ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ آخري وقت تائين سنڌ تي ساهه ڏنو.
هن اڀياس ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي عظيم ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي تصوير ۽ ان جي متعلق احوال تي نظر پئي ٿي جنهن سان مونکي اهي ادبي ڪچهريون ياد اچن ٿيون ڇاڪاڻ ته هو اسانجي بزرگ اديب دوست غلام رباني آگري جو گھرو دوست هيو ۽ مونکي ياد آهي ته اڪيڊمي ادبيات سنڌ پاران ڪهاڻي جي متعلق سنڌ صوبي جي سطح تي ڪرايل ادبي مقابلي ۾ اسان ان کي جج چونڊيو هيو ڇو ته هو هونءَ به عدالت جو جج هيو پر اسانجي ادبي عدالت ۾ به هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مونکي ياد آهي ته شيخ اياز جي پهرين ورسي جي موقعي تي مون سائين جمال ابڙي ۽ محترم نور الدين سرڪي کي مهمان خصوصي ڪري گھرايو هيو ۽ ٻئي صاحب خوشيءَ سان ان ۾ شريڪ ٿيا هيا. ڪتاب ۾ سائين اياز قادري جو به ذڪر آهي هن جو گھر ڌني رام بلڊنگ صدر ڪراچي ۾ سنڌي اديبن جو آکيرو هيو ڇاڪاڻ ته سائين قادري صاحب سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري جنرل هيو. مونکي ياد آهي ته ڪراچي ۾ روزانو سنڌي اديبن جا ميلا هن جي گھر تي مچندا هيا ۽ سائين قادري صاحب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ پهريون سنڌي شعبي ۽ شاهه لطيف چيئر جو سربراهه بڻيو. مونکي به اهو اعزاز حاصل آهي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام جي اردو ترجمي جي سمورن مرحلن ۾ جيڪي ڪوششون جاري رهيون ان دوران قادري صاحب سان منهنجو تمام گھرو رابطو رهيو ۽ آخري وقت تائين قلم ۽ ڪاغذ سان هن جو تعلق نه ٽٽو. ٻنهي ايازن جي وفات ڊسمبر مهيني جي 15 ۽ 28 تاريخ تي ڪراچي ۾ ٿي. هن ڪتاب ۾ اياز قادري جي پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز ”سنڌي غزل جي اوسر“ جو به ذڪر آهي. جيڪو سنڌي غزل جي حوالي سان هڪ ٽيڪسٽ بڪ جي حيثيت رکي ٿو پر افسوس جو هاڻي سنڌالاجي جو ان طرف ڌيان گھٽ آهي. لکيڪ پنهنجي تذڪري ۾ شڪارپور جي خوبصورت اديب ۽ شاهه عبداللطيف لطيف ڀٽائي جي مترجم ۽ اسانجي عزيز آغا سليم جو به خوبصورت نموني سان ذڪر ڪيو آهي. جنهن پنهنجي ريڊيو پاڪستان جي نوڪري دوران وقت نه وڃايو پر سنڌي ٻوليءَ ۾ مشهور ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”همه اوست“ لکيا ۽ شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو ۽ آخر ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو هيو جو هن بابا فريد جي ڪلام مان سنڌي بيت تلاش ڪيا جنهن جي پهريون ماڻهن کي خبر نه هئي ۽ ماڻهو سمجهندا هيا ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر قاضي قاضن آهي. آغا سليم جو شاهه جي ڪلام جو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو به مثالي ۽ معياري آهي ۽ ان جو آخري اڻڇپيل ڪتاب خواجه غلام فريد جو اردو ڪلام آهي جيڪو هن اڪادمي ادبيات پاڪستان کي ڇاپڻ لاءِ ڏنو هيو ۽ وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ به مونکان ان جي متعلق پڇا ڪئي هئي.
ڪتاب ۾ سائين شمشير الحيدري جو به ذڪر ٿيل آهي. جنهن لاءِ هو لکي ٿو ته شاعري ان جي پٺيان پنڌ ڪندي هئي ۽ هو سنڌ جو بادشاهه مزاج شاعر هيو ۽ طبعيت ۾ فقير هيو. ان کان علاوه سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏيندڙ اسلم قاضي جو به ذڪر شامل آهي ۽ علي احمد بروهي کي مصنف سنڌي ڪالم نگاري جو بادشاهه قرار ڏنو آهي ۽ تاج بلوچ جي شاعري متعلق لکيو آهي ته ان جي شاعري جي معنيٰ عاشقن کان پڇو!!. تاج بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي صحافت جو بي تاج بادشاهه رهيو آهي جيڪو هڪ ئي وقت شاعر، نقاد ۽ صحافي جي مڃتيٰ ماڻي چڪو آهي. ڪتاب ۾ سائين قمر شهباز جي باري ۾ هن لکيو آهي ته هو جديد سنڌي ادب جي سنڌو جو هڪ ڪنارو هيو ۽ انور پيرزادو سنڌي ادب ۽ صحافت جي حسن جي علامت هيو ۽ اسان نوجوانن لاءِ هن جي زندگي هڪ تربيت گاهه وانگر هئي. جنهن جي وڃڻ سان ادبي جهان ۾ سُڃَ پيدا ٿي پئي. هن جو موت ائين هيو جيئن هاڪڙي درياهه جو موت. اسان اڄ تائين ائين سمجهون ٿا ته ڄڻ هو ٿر گھمڻ ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻين به ڪيترن قلم ڪارن جو ذڪر موجود آهي جن ۾ علي بابا، قمر شهباز، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمٰن نقاش، محمد علي پٺاڻ، مظهر ابڙو، رئوف نظاماڻي، مهتاب محبوب، راشد مورائي، رزاق مهر، حسن عابدي، حليم بروهي، طارق عالم ابڙو، محمود مغل، حسن درس، اياز گل، واجد، شاهه محمد پيرزادو، اياز جاني، منٺار سولنگي، چندر ڪيسواڻي، رکيل مورائي، عذرا سرور، ارشاد گلاباڻي، الله بخش راٺوڙ ۽ عبدالغفور جوڻيجي جو تذڪرو وڏي خوبصورت طريقي سان شامل ڪيو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادب جي 21 صدي واري تاريخ جو هڪ خوبصورت حصو قرار ڏئي سگھجي ٿو. هونءَ گھڻو ڪري تاريخي تحقيق ڏاڍي خشڪ هوندي آهي پر انور ابڙي جي تحرير هڪ ناول وانگر آهي جنهن جي پڙهڻ ۾ ڪشش ۽ ٻوليءَ ۾ نواڻ آهي. ان سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اڄ به سنڌ ۾ ادبي هلچل جي رفتار نهايت تيز آهي ڇاڪاڻ ته جن اديبن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي اهي خود پنهنجي پنهنجي شخصيت ۾ هڪ انجمن ۽ اداري جي حيثيت رکن ٿا. ان جي پڙهڻ سان دل مان اهو آواز اچي ٿو ته موقعي پرست وڏيرا نه پر ”قلم جا وارث“ ئي سنڌ جا وارث آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معصوم صبحان جو قتل: ڪٿي آ حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا

 زرار پيرزادو چون ٿا ته ڪالهه گُلشن حديد ۾ قيامت آئي هُئي. هڪ معصوم ٻالڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي