19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

سياسي بصيرت کان وانجهيل حڪمت عملي

اياز مير
موٽروي تان نوازشريف واپسي ڪري ها ته شايد ڪجهه عزت رهجي وڃينس ها پر چاپلوسن جي وڪڙ ۾ اچي جي روڊ جي ياترا جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي بي نقاب ڪيو ويو، مارچ ڪهڙو هو، مذاق بڻجي ويو!. اسلام آباد جي پنجاب هائوس مان نڪتو ۽ شام ٿيندي راولپنڊي جي پنجاب هائوس ۾پهتو، اعلان ڪيو ويو ته ڪچهري چوڪ کان صبح 11 وڳي تاريخي مارچ جي شروعات ٿيندي. ڪچهري روڊ تي ٻن ڪلاڪن جو اُن اُميد سان انتظار ٿيو ته ڇوليون هڻندڙ عوامي سمنڊ لهي ايندو. عوامي سمنڊ پري پري تائين نظر نه آيو ته اوچتو قافلي تيزي ورتي ۽ رستي ۾ موجود استقبالي ٽولا اهو نظارو ڏسي دنگ رهجي ويا ۽ نيٺ مهترم قائد جي گاڏيءَ سوهاوا ۾ بريڪ لڳائي، پوءِ دينا ۽ ان کانپوءِ جهلم ۽ رات جو جهلم ڪناري ٽيولپ هوٽل ۾ ڊاٻو ڪيو.
ياد رهي ته مهراڻ بينڪ جي روح روان يونس حبيب طرفان آءِ ايس آءِ جي معرفت 1990ع جي چونڊن ۾ جيڪا رقم ورهائي هُئي. ان ۾ مبينا طور تي جناب نوازشريف جي خدمت ۾ به 33 لک روپيا پيش ڪيا ويا، هاڻي جڏهن نوازشريف ٽيون ڀيرو اقتدار ۾ آيو ته جناب يونس حبيب کي ياد آيو ته پيسا ته ادا ٿيا هئا پر نوازشريف کي نه ٽيولپ هوٽل جي مالڪ جناب شريف کي ادا ٿيا هيا. قطري خط به ڪجهه اهڙي ئي سادگي جو مظهر آهي.
نااهليءَ کانپوءِ نوازشريف غلطين مٿان غلطيون ڪري رهيو آهي. عدالت کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي. اشارن ۽ علامت ذريعي فوج خلاف ڳالهايو پيو وڃي پر ان سان انهن کي نقصان ٿيڻ بدران نوازليگ جون پنهنجيون ڪمزريون ۽ نوازشريف جي ناقص سوچ ۽ حڪمت عملي ظاهر ٿي رهي آهي. تنظيم نالي ڪا شئي پارٽي ۾ ناهي، ٻيو ته ڇڏيو پنجاب هائوس اسلام آباد کان ڪميٽي چوڪ راولپنڊي تائين به ريلي کي صحيح نموني منظم نه ڪيو ويو ۽ خواهش اها آهي ته سندن اشارن تي عوام اٿي بيهي ۽ هر شئي سان ٽڪر کائي.
محترم قائد!ايئر ڪنڊيشن گاڏي ۽ ڪنٽينر ۾ تشريف رکيو ويٺو آهي، ٻاهر اچن کان لهرائي رهيو آهي ۽ ٻين مان اُميد لڳائي ويٺو آهي ته عوام سندس پلاند وٺندو ۽ سڀ ڪجهه ڊاهي ناس ڪري ڇڏيندو. نوازشريف ته ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيو آهي ۽ 1981ع کان اقتداري راند جو حصو رهيو آهي پر کيس انقلاب تڏهن ياد ايندو آهي، جڏهن کيس اقتدار کان پري ڪيو ويندو آهي. مٿان وري اهو ٿو فرمائي ته مون کي اقتدار جي بک ناهي، مان اوهانجي يعني قوم جي تقدير مٽائڻ ٿو چاهيان.
هو ان غلط فهمي ۾ آهي ته عوام کيس نٿو سمجهي پر حقيقت اها آهي ته سندس اقتداري دور هر ڪنهن جي آڏو آهي. اڃان ته مسلم ليگ حڪومت ۾ آهي، مرڪز ۾ شاهد خاقان عباسي وزيراعظم ٿي ويٺو آهي. گورنس نالي ڪا شئي اسلام آباد ۾ نظر نٿي اچي. پنجاب اندر خادم اعليٰ جي پڪڙ ڍري ٿي رهي آهي. نيب ۾ ڪيس ٺهي رهيا آهن. ماڊل ٽائون ڪيس ڪڏهن به ڪر کڻي سگهي ٿو. نوازشريف صاحب کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن. هو سمجهي ٿو ته کوکلين تقريرن ۽ عدالت تي حملن سان هو حالتن جو رخ ڦيرائي سگهي ٿو. سرڪاري پروٽوڪول وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جا وسيلا استعمال ڪرڻ وارو ڪيئن اسٽيبلشمنٽ سان وڙهي سگهي. سندس سڪيورٽي لاءِ هاڻي به 1200 ۽ 1100پوليس اهلڪار مقرر آهن.
جيڪڏهن واقعي به جي ٽي روڊ تي عوام ميلو لڳي ها ته ن ليگ جا حمايت ٽي وي چينلن تان اٿي ميدان تي لهي اچن ها، پر عوام ڄاڻي چُڪو آهي ته اهو سڀ ايئن ناهي، نثار علي خان جي بقول 99 سيڪڙو سينيئر ليگي اڳواڻ مارچ ۾ شامل ناهن، اهي ان ڪري شامل ناهن جو هو نوازشريف جي هن سڄي حڪمت عملي سان متفق ناهن. ان حوالي سان بيگم تهمينه دراني جو اهو تجزيو سڀ کان وڌيڪ جامع آهي، جيڪو ان ٽوئٽس ۾ ڪيو آهي ته نوازشريف کي پنهنجي ڀاءُ شهبازشريف کي امتحان ۾ نه وجهڻ گهرجي.
1977ع ۾ تڏهن جي فوجي ڪمان کي ذوالفقار علي ڀٽو کان ڊپ هو تنهن ڪري سندس خلاف قتل جو ڪيس ڪيو ويو پر هن وقت نوازشريف مان ان کي ڪو ڊپ ناهي. ٿورو گهڻو ڊڄ هيو به ته اُهو نوازشريف پنهنجي حڪمت عملي سان ختم ڪري ڇڏيو آهي. نوازشريف جي ان ريلي سبب عائشه گلا لئي وارو قصو پس منظر م هليو ويو آهي ۽ پي ٽي آءِ تي اها مهرباني نوازشريف ئي ڪئي آهي.
نوازليگ کي سبق ملي چُڪو آهي پر ان لاءِ اڃا آزمائشون اچڻيون آهن. اڃا گهڻو ڪجهه ٿيڻو آهي. صحيح حساب ڪتاب ته اڃا شروع ئي ناهي ٿيو. صحيح حساب ڪتاب تڏهن ٿيندو، جڏهن نيب جي ڪارروائي شروع ٿيندي ۽مني لانڊرنگ جي باري ۾ سوال اٿندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معصوم صبحان جو قتل: ڪٿي آ حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا

 زرار پيرزادو چون ٿا ته ڪالهه گُلشن حديد ۾ قيامت آئي هُئي. هڪ معصوم ٻالڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي