18 اربع , آڪٽوبر 2017

اچو ته سنڌ کي بچايون

امير ڀنڀرو
16 آگسٽ تي ڌارين کي سنڌ ۾ شهريت (سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽ جو حق ڏيڻ) خلاف احتجاج لاءِ اسان اهو لفظ لکون ٿا ته احتجاج ڇو ۽ ڇا لاءِ ته پوءِ اچو ته هڪ نظر سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين تي وجهون. اها اڄ جي ڳالهه نه آهي جڏهن کان هن ملڪ جو وجود پيو آهي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي جدوجهد جو اهو به نقطو رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور. اڄ به سنڌ جون ٽٽل ڀتيون60 جي ڏهاڪي کان وٺي شاهدي ڏينديون ته سنڌ جي قومپرست قومي ڪارڪن ڌارين خلاف وڏي جدوجهد ڪئي آهي. جڏهن وڏي ڌام ڌوم سان کوکرا پار جو رستو کولڻ لاءِ تحريڪ پئي هلي جنهن ۾ ڌارين سان گڏ اسان جا ڪجهه ٿري قومپرست به اڳڀرو هئا، ان وقت به اسان اهو چئي مزاحمت ڪئي ته کوکرا پار جي حمايت ڪرڻ وارو اچو پنهنجي اکين سان ڏسو ڪراچي کي جتي اڄ سنڌي اوپرو ۽ ڌاريو مالڪ لڳو ويٺو آهي. اسان ان وقت به چيو ته اچو ڏسو پنهنجي اکين سان حيدرآباد(نيرون ڪوٽ) کي جنهن جون گهٽيون گلاب جي پاڻي سا ڌوتيون وينديون هيون اڄ انهن گهٽين ۾ ڌرتي ڌڻين جو رت وهي ٿو. اسان ان وقت به دانهون پئي ڪيون ته اچو ڏسو سکر ۽ ميرپورخاص کي ڏسو، ڇا هي هاڻي نج سنڌين جا سرموڙ شهر رهيا آهن؟ اسان ان وقت به چيو پئي ته ڌارين جي حمايت ڪرڻ بجاءِ ٿورو نوابشاهه، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، دمبالو، ڊگهڙي، سانگهڙ کي ڏسو. ان وقت جيڪي ڌارين لاءِ رستا کولڻ جا حامي هئا، اهي ڪي به پرڏيهي نه پر سائين جي ايم سيد جي نظريي جا پوئلڳ ۽ اسان جا قومپرست ڀائر ئي هئا.
اڄ جڏهن آدمشماري جو ان آفيشلي نتيجو  آيو آهي ته ڌارين جو انگ لکن ۾ نه پر ڪروڙن ۾ آهي. هاڻي ڪنهن کي سمجهائڻ لاءِ ڪنهن وڏي دليل جي ضرورت  نه آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان سان مذهبي ڀائيچاري، قومي ٻڌي ۽ پاڪستان جي ڏنل آئين ۾ آزادي جي نالي تي ٿيو. هن ملڪ ۾ صرف سنڌ ئي آهي جتي سنڌ اسيمبلي ۾ زري گهٽ اڌ جيترا غير سنڌي آهن جيڪي پاڻ کي سنڌ اسيمبلي جي اندر به نه سنڌي سڏائڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه وري پاڪستاني، پر هو وڏي ڌام ڌوم سان چون ٿا ته اسان سنڌي نه بلڪه مهاجر آهيون.  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جو تعداد جنهن ۾ اڪثريت سنڌي سڏائيندڙن جي نه آهي ۽  نه وري انهن کي سنڌي ٻولي اچي ٿي.  بلڪل ائين ئي سنڌ جي ڪنهن به اداري ۾ هليا وڃو ته توهان کي پنهنجائپ جو احساس گهٽ پر کوڙ ساريون اکيون ڌرتي ڌڻين کي نفرت جي نگاهه سان گهوريندي نظر اينديون، جيڪا سرزمين صوفين جي سرزمين، محبت ۽ امن جي سرزمين سڏبي هئي، ان سرزمين سنڌ تي اڄ نه صوفين جون قبرون محفوظ رهيون آهن نه امن، نه محبت ۽ نه وري مذهب. ان سرزمين تي ڌارين جي لوڌ پنهنجا چنبا کوڙي امن ۽ محبت کي غيرمحفوظ بنائيندي مذهبي انتها پسندي جو ٻج ڇٽيو آهي. جيڪا سرزمين شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل جي سرزمين سڏجندي هئي، جنهن سرزمين جا انسان ته محبت واري هئا پر پکي امن جو گيت ڳائيندا هئا، ان سرزمين تي اڄ مذهبي جنونين پنهنجا مدرسن جي صورت ۾ ٺڪاڻا ٺاهي هڪ منظم دهشتگردي جو ڄار وڇايو آهي. انهيءَ سرزمين تي جتي محبت پوکي ويندي هئي ۽ محبت ئي ڦٽندي هئي، ان سرزمين تي اسان مسجدن، امام بارگاهن ۾ رت جون نديون وهندي ڏسي رهيا آهيون. شڪارپور کان وٺي قلندر جي درگاهه تائين، قلندر جيڪو ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي محبت جو مرڪز رهيو آهي، ان جي نشانين کي بم سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪري سوين بيگناهه  ماڻهن کي دهشت گردي جو نشانو بنائي قتل ڪيو ويو، محبت جي سرزمين تي هروقت موت جو راڪاس واڪا ڪندو گهمي. لکڻ ۾ ته سڄي ملڪ جا چارئي صوبا پاڪستان جو حصو آهن، پر ورهاگي کانپوءِ وڌ ۾ وڌ اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي ڀوڳڻو سنڌ کي ئي پيو آهي. اڄ لاهور هر صورت ۾ پنجابين جو شهر آهي،
پشاور پٺاڻن جو، ڪوئٽا بلوچن جو پر واحد سنڌ جا شهر ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپور خاص سکر ۽ ٻيا شهر آهن، جن کي سنڌين جيءَ ۾ جايون ڏنيون اهي اڄ به پاڻ کي سنڌي سڏائڻ بجاءِ هندستاني سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پاڻ کي مهاجر ڪوٺين ٿا. هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا آڌا تمهارا، آڌا همارا جا نعرا لڳا، سنڌ ورهائڻ جا مطالبا ٿيا، اقوام متحده جي پليٽ فارم کان وٺي دنيا جي ڪيترن ئي سفارتخانن ۾ سنڌ کي ورهائي الڳ ملڪ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا ٿيا، ٻيو ته ٻيو پر ڪابل ۽ قنڌار وارن به هتي پنهنجي اڪثريت جي دعويٰ ڪئي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته سنڌ جي ووٽ سان چونڊيل سنڌ جا نمائندا سڏرائيندڙ پيپلز پارٽي وارا پنهنجي خصيص مفادن خاطر ۽ پنهنجي ڪرپشن کي جاري رکڻ لاءِ سنڌ دشمن ڌرين جي ان ايجنڊا جي تڪميل ڪري رهيا آهن ڌ، جنهن ايجنڊا کي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ ۽ مشرف به پورو ڪري نه سگهيو. ڇا سنڌجو عوام اهو سمجهي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس ڪرڻ لاءِ رسي ان لاءِ ڊگهي ڪئي وئي آهي ته انهن کان اهو ڪم وڏي آساني سان وٺي سگهجي ٿو جيڪو ڊڪٽيٽر ڪرڻ جي به جرئت نه ڪري سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ جي آمد جو سلسلو جاري آهي ۽ سنڌ حڪومت ڌارين کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه وٺي رهي آهي. افغانستان ۾ جنگ هجي يا ملڪ ۾ ڪٿي به دهشتگردن خلاف آپريشن . ان وقت سڀني جو رخ سنڌ ڏانهن ڪيو ويندو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ جيترا غيرسنڌي آهن، ڌرتي ڌڻِي ان جي ٽين پتي تي به نه آهن. سنڌ کان سواءِ ملڪ جي ڪنهن به  شهر جي اهڙي حالت نه آهي. سنڌ جي چونڊيل نمائندن اقتدار ۾ اچي پنهنجي اوليت سنڌ پرستي بجاءِ مفادپرستي کي ڏني آهي. هاڻي هتي جا حڪمران پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌ جا وسيلا ڌارين کي وسائڻ ۽ لٽڻ لاءِ کولي ڇڏيا آهن. سنڌ جي مفادن جي تحفظ لاءِ ووٽ وٺندڙن، سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ سنڌ ۾ باقي رهيل 30 لک کان مٿي بنگالين ۽ ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي سنڌ جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪري، سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏڻ وارو عمل آهي.. وسيلن سان مالا مال سنڌ جنهن ۾ تيل، گيس ، ڪوئلو ۽ ٻين معدني وسيلن کان علاوه ڪراچي کان وٺي بدين تائين سمنڊ جي پٽي  مليل آهي، ان جي باوجود به اڄ به جيڪڏهن دنيا ۾ رڪارڊ خودڪشيون ٿين ٿيون ته ان جو ڪارڻ بيروزگاري آهي.
ملڪ جي قيام لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ سنڌين کي ڪهڙي گناهه جي سزا ڏني پئي وڃي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته سنڌين کان حڪمراني جو حق هميشه لاءِ کسيو وڃي، جيئن سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ بهتر طريقي سان ڪري سگهجي. ٻئي طرف سڄي دنيا ۽ ملڪ کان هٽي ڪري قانون سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ رائج آهي ته ڪراچي جي درس گاهن ۾ سڄي ملڪ جون ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن لاءِ به سيٽون رکي تعليم جو حق ڏنو ويو آهي. جڏهن ته عجيب انڌو قانون آهي ته سنڌين جي ٻچن کي ڪراچي جي درس گاهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت نه آهي. اسان هميشه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي  ڪامياب جدوجهد ڪئي آهي، مذهبي انتها پسندي کان وٺي ڪراچي ۾ دهشت گرد مافيا خلاف جدوجهد، ڪراچي ۾ دهشت گردي جا گهٽ گهيڙ ٺڪاڻا، ان جي باني ۽ سرپرستن ۽ سهولتڪارن خلاف ڪامياب جدوجهد ڪئي آهي. هاڻ وري اسين پنهنجي مسلسل جدوجهد جو تسلسل قائم ڪندي سنڌ ۾ ڌارين کي شهريت ڏيڻ ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ڌرتي ڌڻين جي ٻچن تي وڌل پابندي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهيون. هن ڏکي صورتحال ۾ عملي طرح سان سنڌين کي سنڌ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي . سڀ ويڇا وساري سنڌ خاطر هڪ ٿيون، سنڌ آهي ته اسين آهيون، سنڌ نه رهندي ته اسين به نه رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي