19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

14 آگسٽ ۽ برسات

ستار پيرزادو
اها 1979ع جي ڳالهه آهي،مان لانڍي اسپتال مان استعيفيٰ ڏئي، پندرنهن ڏينهن جي پگھار واپس ڪري، نوڪري ڇڏي، ڪراچي ليباريٽريءَ ۾ نوڪري ورتي، تنهن ڪري مون کي لانڍي اسپتال وارو رهائشي فليٽ به ڇڏڻو پيو. تنهن ڪري اسان ڊرگ ڪالونيءَ جي ريتا پلاٽ نالي علائقي ۾ اچي هڪڙي غار نما ٻن ڪمرن واري جاءِ مسواڙ تي ورتي.منهنجا ٻئي ٻارڙا اڃان تمام ننڍا هئا. ڪريم سومرو شادي ڪري اسان کان الڳ ساهوري گھر صدر ۾ رهڻ لڳو هو.بلڪل مُون سُون جي مند هئي، جولاءِ جي آخر کان ئي ڪڏهن هلڪا ته ڪڏهن تيز مينهن وسڻ شروع ٿي ويا هئا. اسان جي رهائش وارو علائقو ڊرگ ڪالونيءَ جي ڀيٽ ۾ ڳتيل، گھٽيون سوڙهيون، ڪي ڪچيون ته ڪي پڪيون هيون، هاڻ مان گھر کان پنڌ ڪري، ٻاهر ڊرگ روڊ تائين وڃي صدر لاءِ ويگن ۾ سوار ٿي اچي اسٽار گيٽ تي لهندو هوس، وري اتان پنڌ ڪري مان ڪراچي ليباريٽريءَ ۾ پهچندو هوس.
آگسٽ جو مهينو شروع ٿي ويو هو پر بارش لڳاتار وقفي وقفي سان ڪڏهن تيز ته ڪڏهن هلڪي ٿيندي پئي رهي. نيٺ 14 آگسٽ 1979ع جي موڪل واري ڏينهن ته صبح کان ئي هلڪي بارش ٿيندي رهي، انڪري مان گھر ۾ هوس جو ڪورنگيءَ مان ڪي مهمان به اچڻا هئا. ان ڏينهن تي اسان جي ملڪ ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن قائدِ اعظم جي مزار تي ملٽري گارڊ جي نه صرف تبديلي ٿيندي آهي ۽ لاهور ۾ وري علامه اقبال جي مزار تي به گارڊ جي تبديلي ٿيندي آهي. تنهن ڪري ان ڏينهن تي ڪافي جلسا جلوس به ٿيندا آهن. انهن ۾ ڪي وچن به ورجايا ويندا آهن ، ۽ ڪي نوان واعدا عوام جي منهن ۾ ڌوڙ وجھڻ جي لاءِ ڪيا ويندا آهن.اهو ڏينهن ملڪي حڪومتون توڙي خانگي عوام به مهائيندو آهي.انهن جو مقصد نئين نسل کي پاڪستان ٺهڻ جي باري ۾ معلومات ڏيڻ هوندو آهي. تنهن ڪري پوري ملڪ جي ان خوشيءَ جي موقعي تي موڪل هوندي آهي.اصل شهر به بند هوندو آهي. ان ڏينهن تي ملٽريءَ وارا هٿيارن جي نمائش به ڪندا آهن،ڪي سياسي پارٽين وارا به پنهنجي ملڪ سان ناتو نباهڻ جي لاءِ وچن ورجائيندا آهن.
14 آگسٽ جي صبح کان ئي اُڀ ڪڪرن سان ڇانيل هو، اُٻ ڏاڍي هئي، هوا جو نالو نشان به نه هو،بس ائين ٿي ڀاسيو ته اجھو ٿو ڇمر ڇلي پوي ۽ برکا برسي پوي، جو ڪڪر ڪيهاٽ ڪري رهيا هئا، رکي رکي وڄ وراڪا ٿي ڪيا ته اوندهه تي روشني ڇانجي ٿي وئي. اهڙي حالت ۾ مان گهر ۾ئي هوس. بجلي به ڪانه هئي انڪري اندر ڪمري ۾ ماني کائڻ به مشڪل ٿي لڳو. نيٺ جيئن تيئن ماني کائي ورتي ۽ منجھد جي نماز ادا ئي مس ٿي هوندي ته مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. اسان وٽ اچڻ وارن مهمانن شايد موسم جو رخ ڏسي اچڻ جو ارادو ئي لاهي ڇڏيو، پر انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ ٽيليفون جي سهوليت ته هئي ڪانه، جو اسان کي اطلاغ ڪري سگھجي.ماني کائي اڃان بس ڪئي هئي سون ته اوڙڪون ڪري اچي مينهن لٿو. ائين پيو ڀانئجي ڄڻ ڪو مٿان پاڻيءَ جا مٽ هاري رهيو هجي. اصل جل ٿل ٿي وئي، اهڙي حالت ۾ مان مينهن ۾ وهنجڻ خاطر، پسڻ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ گھر مان ٻاهر نڪري هوريان هوريان اچي وڏي روڊ تي پهتس. هڪڙي ڪار ۾ ڪجھه ماڻهو ويٺا هئا، انهن منهنجي ڀر ۾ گاڏي بيهاري پڇيو ته، ”ريتا پلاٽ ڪٿي آهي؟“ مون اهو نه ڏٺو هو،پر اها ڳالهه ڄاڻي سگھيس ته اهي واٽهڙو ڪنهن رٿيل پروگرام خاطر ريتا پلاٽ وڃي رهيا هئا.هن ڀيري چوڏهين آگسٽ ملهائڻ ۽ نوجوانن جي هل هنگامي وارو مزو برسات جي ڪري پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو.
مان جيئن ته گھر مان ٻاهر نڪري چڪو هوس ۽ هلندو پئي آيس. هاڻ بارش هارجي بيٺي، بادلن پنهنجو وس ڪري ڇڏيو پر تنن هوندي به ڦڙ ڦڙ يا بوندا باندي جاري هئي، تنهن ڪري پسڻ جو لطف وڌي ويو هو.منهنجا پير اڳتي کان اڳتي رڙهندا پئي رهيا.
سڄو پسي چڪو هوس. هوا جا جھوٽا پئي آيا ته جسم مان دهرڙي نڪريو ٿي وئي ته به مان نه ٿي موٽيس. الائي ڪيئن دل ۾ ريچڪ اچي ويم ۽ سوچم ته پي اي سي ايڇ ايس ڊاڪٽر پيرزادي جن ڏانهن ٿو هليو وڃان، جيڪو اسان جي گھر کان ڪافي پري هو، ڏهه ٻاربهن ڪلو ميٽر ته واهه جا ٿيندا. منهنجي کيسي ۾ ٽڪو به ڪو نه هو، جو گھران ته ائين مينهن جو مزو ماڻن لاءِ نڪتو هوس،سو کڻي پنڌ پيس. هلندو ۽ ڪٿي ساهي پٽيندو نيٺ اچي ٽپهريءَ ڌاري مان ڊاڪٽر جن وٽ پهچي ويس. هو مون کي ان حالت ۾ ڏسي حيران ٿي ويا پڇڻ تي ٻڌايو مان ته گھر کان هيسيتائين پنڌ آيو آهيان ته سندن حيرت ۾ اڃان به اضافو ٿي ويو. اسان اتي هن جي پٽن سان مينهن ۾ موٽر سائيڪلن تي گھٽين ۾ گھمندي مزو ماڻيو.
بهر حال مون هنن وٽ رات جي ماني به کاڌي ۽ ماسيءَ کان ڏهه رپيا واپس وڃڻ جي ڀاڙي لاءِ ورتم ۽ اتان وري نرسري ڊرگ روڊ تائين پنڌ اچي ويگن ۾ سوار ٿي ڊرگ ڪالوني پنهنجي اسٽاپ تي لٿس ۽ پيرين پنڌ گھر ڏانهن راهي ٿيس ته رستي ۾ فوٽ پاٿ سان هلندو ٿي ويس ته هڪڙو مولوي صاحب جيڪو به مون سان گڏ ئي ويگن مان لٿو هو، تڪڙو تڪڙو هلندو اچي مون سان مليو ۽ سلام ورائڻ کان پوءِ اوچتو کڻي سوال منهنجي ذهن تي سروٽي جيان هنيائين، چي ” توهان نماز پڙهندا آهيو؟“ مان مينهن ۽ پنڌ ڪري ٿڪ ۾ چور ٿيل هوس. اصل مٺيان وٺي ويم. اهي منهنجي ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن هئا ۽ اسان جي ذهن تي ترقي پسنديءَ جو ڀوت سوار هو. اهڙن ماڻهن سان ته ڳالهائن به پسند نه ڪندا هئاسون.مون ڪَرڙيون اکيون کڻي کيس چيو ته،” وڃي پنهنجي استاد کان پڇ ته سنڌي ماڻهو مذهب تي ايترو پختا پابند ڇو نه آهن؟“ هو ويچارو ماٺ ڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اڳتي وڌي ويو. هن جي سوال ۽ منهنجي جوابي سوال اسان ٻنهي کي ضرور ذهني ڪوفت ۾ وجھي ڇڏيو. هو ته پڪ ئي پڪ گھر تائين سوچيندو ويو هوندو ته واقعي اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو سنڌي ماڻهو مذهب تي ايترا پختا ناهن. مان اهو سوچي رهيو هوس ته هي ڪهڙي عجيب انسان هو، جو نه ڄاڻ نه سڄاڻ، کڻي سوال پڇيو اٿائين سو به اهڙو جيڪو پڇڻ وقت سوچڻ گھرجي. مان موٽي گھر اچي پهتس. هاڻ ته مينهن به وسي پورو ٿي .ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معصوم صبحان جو قتل: ڪٿي آ حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا

 زرار پيرزادو چون ٿا ته ڪالهه گُلشن حديد ۾ قيامت آئي هُئي. هڪ معصوم ٻالڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي