19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

”ملازمتي غلامي“ ۾، ماڻهن جي گذرندڙ سڄي حياتي ۽ ”جمهوريت جو هڪ پَل“

پريم متراڻي
تعارف: سرمائيداري سرشتي ۾ جمهوريت جو تصور انتهائي ڪمزور هوندو آهي ۽ اهو به رڳو سياسي سطح تائين محدود رکيو ويندو آهي_ اها نالي ماتر جمهوريت به پنهنجو اثر تڏهن وڃائي ڇڏي ٿي جڏهن سمورو چونڊن وارو عمل (Election Process) به خريد ڪري سگھبو آهي_ اڄوڪي مضمون ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جمهوريت جو عمل رڳو اظهار جي آزادي نه آهي پر جمهوريت، سماجي عمل ۾ ماڻهن جي سڌي شرڪت سان به لاڳاپيل آهي_ اظهار جي آزادي (Independence of Expression) ۽ سماجي عمل ۾ ماڻهن جي شرڪت (Participation of People is Social Process)، جمهوريت جا لازمي جزا آهن جيڪي سماجي نظام جي صرف سياسي سطح تي نه پر معاشي سطح تي به هڪ جهڙو لاڳو ٿين ٿا_
سرمائيداري سماج ۾ ماڻهن جي زندگي گذارڻ جا مرحلا
سرمائيداري دنيا جمهوريت جي تصور کي انساني سوچ جي آزادي تائين، محدود بڻائي پيش ڪري ٿي جڏهن ته انسان جي آزادي جو تصور شعوري به آهي ته مادي به آهي_ ان ڳالهه کي سمجھڻ لاءِ جمهوريت جي تصور جو بنياد (Base) ۽ انجي مهااڏاوت (Superstructure) کي سمجھڻ ضروري آهي_ اسانکي خبر آهي ته ڪو به موضوعي ويچار (Subject of Thought)، ويچار جوڳي معروض (Object of Thought) کانسواءِ وجود نٿي رکي سگھي_ ويچار جوڳو معروض، ويچار کان الڳ. پنهنجو وجود رکندو آهي، جنهنجو مواد ۽ شڪل (Content & Form) ان جو بنياد قائم ڪندو آهي ۽ ان جي وجود لاءِ گھربل زمان ۽ مڪان (Space & Time) ۽ حالات (Circumstances) انجي مهااڏاوت واري سطح قائم ڪندا آهن_ انهي ڪسوٽي تي سياست، سماجي جمهوري نظام جي مهااڏاوتي سطح آهي ۽ سماجي اقتصادي نظام ان جو بنياد آهي_ تنهن جي ڪري جڏهن ڳالهه جمهوري نظام قائم ڪرڻ جي ٿئي ٿي ته پهريون سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جمهوري نظام سياسي سطح تي قائم ٿيڻ گھرجي يا سماجي معيشيت جي سطح تي قائم ٿيڻ گھرجي_ ان سوال جو جواب اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته جمهوريت جو عمل سماج نظام جي سمورين سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ زميني، سطحن ۽ پاسن (Levels & Sides) تي هڪجهڙو لاڳو ٿيڻ گھرجي_ ان ڳالهه کي بهتر طريقي سان سمجھڻ لاءِ ڪنهن ماڻهو جي زندگي گذارڻ جي عمل جو ويجھڙائي کان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي_
هڪ عام ماڻهو کي سندس زندگي ۾ انيڪ قسمن جون، هڪٻئي کان مختلف آزاديون گھربل هونديون آهن_ انهن قسمين قسمين آزادين واري حقن جي استعمال جون جڳهيون به مختلف هونديون آهن ۽ وقت به مقرر هوندا آهن_ مثال: گھرن کي هلائڻ جي عمل ۾ ڪٽنب جي سمورن ڀاتين جهڙوڪ؛ عورتن ۽ مردن، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن، ٻارن ۽ جھونن جي آزاداڻي شموليت، تعليمي ادارن کي هلائڻ جي عمل ۾ شاگردن، استادن ۽ ملازمن جي آزاد شموليت، ڪاروباري ادارن کي هلائڻ جي عمل ۾ سمورن ملازمن جي آزاداڻي شموليت، علاقائي انتظام هلائڻ ۾ مقامي ماڻهن جي شموليت، رياستي قومي انتظام هلائڻ ۾ عوامي شموليت ۽ ٻين عام سماجي وهنوارن ۾ لاڳاپيل سماجي گروهن جي شموليت سان، سماجي نظام جو سياسي، معاشي ۽ ثقافتي جمهوري عمل قائم ڪري سگھجي ٿو_ هتي جيڪا ڳالهه سمجھڻ جي آهي اها هي ته جمهوري طريقيڪار جو بنياد انجي مهااڏاوت کان الڳ نٿو ڪري سگھجي_
سرمائيداري سماجي سرشتي ۾، ڪٽنب (Family) کي سماجي نظام جي بنيادي ايڪي (Base Unit) جي حيثيت ڏجي ته گھر، ڪٽنب لاءِ اهو مڪان (Place) آهي، جنهن ۾ ڪٽنب جا سمورا ڀاتي پنهنجي زندگي گذارين ٿا_ تنهن جي ڪري گھر اها جڳهه آهي جتان، گھر کي هلائڻ جي عمل ۾ سمورين ڀاتين جي گڏيل شرڪت سان، جمهوري عمل جي شروعات ٿئي ٿي_ ساڳي ريت تعليمي ادارا، اهي جڳھيون آهن جتي ڪو به ماڻهو، سکيا جي عمل ۾، پنهنجي ٻالپڻ ۽ نوجواني جا لڳ ڀڳ سورنهن سال گذاري ٿو_ سنديافته ٿيڻ کانپوءِ، نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پيداواري عمل جو حصو بڻجندي، ڪاروباري ادارن سان لاڳاپجي ويندا آهن_ پيشيوراڻي زندگي وارو هي مرحلو، ڪنهن به ماڻهو جي زندگي جو لڳ ڀڳ 40 کان 45 سالن تي مشتمل، اهم ترين ۽ ڊگھي ۾ ڊگهو مرحلو هوندو آهي جنهنکي پوري ڪرڻ کانپوءِ هو عزلت واري مرحلي ۾ داخل ٿيندو آهي جيڪو هن ماڻهو جي هن جهان مان رخصتي تي پورو ٿيندو آهي_
سرمائيداري ڪاروباري ادارن ۾ ملازمتي غلامي جا 45 سال
انسان پنهنجي زندگي جو وڏو حصو يعني لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجاهه سال، روزگار جي بهاني سان، سرمائيداري ڪاروباري ادارن ۾ اڻٿڪ ڪم ڪندي گذاري ڇڏي ٿو_ سرمائيداري روزگار (Capitalist Employment)، انساني پورهئي جو اهڙو طريقيڪار آهي، جنهن ۾ پورهيت پنهنجي ڪيل پورهئي جي عيوض سندن ڪٽنب جي گذر سفر واسطي آمدني حاصل ڪري ٿو ۽ موٽ ۾، ڪاروباري اداري لاءِ منافعو پيدا ڪري ٿو_ اهڙي سرمايداري ڪاروباري ادارا، منافعي بخش ڪاروبار (Profitable Business) واري مقصد هيٺ، ملازم واري حيثيت ۾، پورهيت طرفان ٿيندڙ سندن سڄي ڄمار جي سموري پورهئي جو ممڪن حد تائين استحصال ڪرڻ جو ڄڻ اجازت نامو حاصل ڪري وٺن ٿا_
ٻئي پاسي سرمائيداري ڪاروباري ادارن ۾ حصيدارن ۽ ڊائريڪٽرن جي ٿورائي کان ٿيندڙ ادارياتي فيصلن ۾ ملازمن کي شريڪ نه ڪيو ويندو آهي_ ملازمن جي ڪم ڪرڻ جو مقصد ڏنل ڪاروباري هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ پگھار کري ڪرڻ هوندو آهي_ يعني پگھار عيوض ملازمن کي، حصيدارن ۽ ڊائريڪٽرن طرفان مڙهيل فيصلن جي پوئيواري ڪرڻ جو پابند بڻايو ويندو آهي_ ايئن هر ملازم ڪاروباري ادارن ۾ گذرندڙ سندس زندگي جا 45 سال، حصيدارن ۽ ڊائريڪٽرن طرفان مڙهيل ڪاروباري فيصلن جي پوئيواري ڪندي گذاري ڇڏيندو آهي_ گھڻ قومي ڪاروباري ادارن (Enterprises) جي حصيدارن ۽ ڊائريڪٽرن جو چونڊ جو عمل به غير جمهوري هوندو آهي جنهن ۾ ملازمن جي راءِ شامل نه ڪئي ويندي آهي_ ساڳي وقت، ادارن ۾ پيداوار جا هدف (Production Target)، شين جا اگهه (Price)، منافعي جي شرح (Rate of Profit) ۽ اداري جو ڦهلاءُ (Outlets) وغيره بابت اهم فيصلن ۾، عام ملازمن کي دستوري شرڪت جو ڪو به موقعو نه ڏنو ويندو آهي_ يعني انسان ڪاروباري ادارن ۾، پنهنجي زندگي جو وڏي ۾ وڏو حصو گذاريندو آهي، اتي نه هنکي ڪنهن به قسم جي اظهار جي آزادي (Independence of Expression)هوندي آهي ۽ نه ئي فيصلن ۾ شرڪت (Participation) جو ڪو اختيار هوندو آهي ۽ زندگي جو وڏو حصو، بنا ڪنهن اظهار جي آزادي جي ۽ ادارن ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ بنا ڪنهن شرڪت جي، گذاري ڇڏيندو آهي_ ملازم پنهنجي زندگي، صبح کان شام تائين، روزانو 10 ڪلاڪ (ٻه ڪلاڪ، گھر ۽ آفيس جي وچ ۾ اچ ۽ وڃ لاءِ گھربل وقت، جنهنجو معاوضو به ڪاروباري ادارن کي ملازمن کي ڏيڻ گھرجي_ هن نقطي تي الڳ مضمون لکڻ جي ضرورت آهي)، بنا ڪنهن سوال جواب جي، محدود اختيارن سان سونپيل ذميواري (Descripted Job) نڀائڻ جو پابند هوندو آهي_ رٽائرمينٽ جي صورت م هنکي ناڪاره پرزو سمجھي، بي يارو مددگار، اداري مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويندو آهي، جتي يا ته هو اولاد جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي يا پنهنجي بچايل آمدني جي آسري تي زندگي جا پڇاڙڪا 10 يا 15 سال گذاري پورا ڪندو آهي_
سڄي حياتي ۾ ڪجھ پل جمهوريت جا
عقلمند انسان جي اهڙي ملازمتي شڪل ۾، سرمائيداري ڪاروباري ادارا، ماڻهو جي زندگي جون سموريون صلاحيتون، پيش قدميون، ڏاهپون، دانائيون، همتون ۽ خوبصورتيون هنن کان کسي وٺندا آهن ۽ هنن کي سڄي حياتي اڻ ٿڪ ۽ اڻ کٽ پورهيو ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن_ زندگي جا 45 سال غيرجمهوري انداز ۾ زندگي گذارڻ دوران، ماڻهن کي ذاتي يا ڪٽنب جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ، ايترو وقت ئي نه ملندو آهي جو هو سماجي عمل جي ٻئي ڪنهن عمل ۾ شرڪت جو ويچار ڪن_ سرمائيداري سرشتي ۾، جنهن سياسي جمهوريت جا وڏي واڪي اعلان ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، اها اليڪشني جمهوريت (Election Democracy) چئن يا پنجن سالن ۾ هڪ دفعو عام ماڻهو کي ووٽ (Vote) ذريعي پنهنجا نمائندا چونڊي قانون ساز ادارن ۾ موڪلڻ جو موقعو فراهم ڪري ڄڻ ته انسانذات تي وڏو احسان ڪندي ۽ سماجي عظمتن جي اتاهين کي ڇهڻ جي دعويدار بڻجندي نظر ايندي آهي_ چونڊ واري ڏينهن تي، ماڻهو هڪ پل ۾ پنهنجي مرضي جي نمائندي کي ووٽ ڏيئي، اهو سمجھي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏي موٽي ويندا آهن ته انهن جمهوريت جا سڀ فرض پورا ڪري ڇڏيا_ ووٽ ڏيڻ کانپوءِ، ڪروڙين ماڻهو وري، پنهنجي ئي ووٽ سان چونڊجي آيل ڪجهه سَو نمائندن جي رحم ۽ ڪرم تي اچي ويندا آهن_ اهي نمائندا خدمت گذار مان ڦري سياسي اڳواڻ بڻجي، سموري قومي سياسي نظام جا مالڪ بڻجي ويندا آهن_ چونڊ جي اهڙي سرمائيداري سياسي جمهوري عمل جي پوري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن کي قومي سياسي، انتظامي، وسيلن جي ورڇ، رٿابندي ۽ قانون سازي واري عمل ۾ لڳاتار شامل رکڻ جو ڪو به طريقيڪار موجود نه هوندو آهي_ حقيقي سياسي جمهوريت جو عمل تڏهن قائم ڪري سگھجي ٿو جڏهن چونڊن جو عمل پورو ٿيڻ کانپوءِ، سموري قومي سماجي سياسي عمل ۾ عوامي شرڪت (Peoples Participation) کي يقيني بڻائجي_ ووٽ ذريعي نمائندن جي چونڊ ته آزادي جي اظهار جو پهريون جمهوري مرحلو آهي_ ان کانپوءِ قومي سماجي سياسي فيصلن ۾ ”لڳاتار عوامي شرڪت“ سان ئي، سياسي سطح تي، جمهوري عمل جي تڪميل ممڪن ٿي سگھي ٿي_
سرمائيداري سرشتي ۾، چئن يا پنجن سالن ۾، هڪ دفعو ووٽ ڏيئي سياسي ايوانن ۾ پنهنجو نمائندا چونڊي موڪلڻ کي مڪمل جمهوري نظام تصور ڪيو ويندو آهي_ ٻي پاسي ڪاروباري ادارن ۾ سڄي حياتي ڪم ڪندڙ ملازمن تي، روزانو بنيادن تي بدترين معاشي آمريت قائم ڪندو آهي جنهن ۾ ڪاروباري اداري جي فيصلن ۾ نه ماڻهن کي اظهار راءِ جي آزادي هوندي آهي ۽ نه ئي انهن فيصلن ۾ شموليت جو اختيار حاصل هوندو آهي_
سرمائيداري سماجي عمل ۾ ماڻهن جي لاتعلقي
ماڻهن جي زندگي جو وڏو حصو ڪاروباري ادارن ۾ ملازمت ڪندي گذري ٿو ۽ انهن کي اتي ڪابه آزادي حاصل نه هوندي آهي_ ماڻهو روزمره بنيادن تي، سياست نه پر معاشي عمل سان ڳنڍيل هوندا آهن_ سرمائيداري ڪاروباري ادارن ۾ ملازمن لاءِ انتظامي عملداري جو آمريتي طريقيڪار رائج هوندو آهي_ يعني ماڻهو لڳ ڀڳ پنهنجي سموري حياتي، ڪاروباري ادارن جي آمريت هيٺ، انهن جا مڙهيل فيصلا قبول ڪرڻ جا پابند هوندا آهن_
سرمائيداري سرشتو، پنهنجن ڪاروباري ادارن ۾ معاشي هڪ هٽي ذريعي، ماڻهن کي ملازم جو درجو ڏيڻ کانپوءِ، انهن کان روزانو بنياد تي، سڄي حياتي ڪُل وقتي پورهيون ڪرائڻ کانپوءِ ان قابل ڇڏيندو ئي ڪونهي ته اُهي سماجي عمل ۾ شريڪ ٿي جمهوري معاشرو قائم ڪري سگھن_
سرمائيداري سرشتي ۾ معاشي جمهوريت جو ڪو به تصور نه هوندو آهي جنهن ۾ ڪاروبار متعلق سمورن فيصلن ۾ ملازمن جي سڌي ريت شموليت رائج ٿيل هوندي آهي_ سرمائيداري سرشتو رڳو چونڊن واري عمل کي مڪمل جمهوري تصور ڪري پيش ڪندو آهي_
سرمائيداري سرشتي ۾ حقن جي آزادي وارو تصور انتهائي محدود ۽ ڪمزور هوندو آهي جنهنجي اڳواٽ لاڳو ٿيل ڪمزور قانونن جي روشني ۾ تشريح ٿيل هوندي آهي_
سرمائيداري سرشتي ۾، حقيقي سماجي جمهوريت جي بحالي جو عمل تڏهن جاري ٿي سگھي ٿو جڏهن ڪاروباري ادارن ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ ملازمن جي شرڪت واري عمل کي يقيني بڻائجي ۽ پيداواري عمل ۾ پيدا ٿيندڙ واڌو قدر جي ورڇ جو متوازن نظام قائم ٿئي ۽ ان سان گڏوگڏ چونڊن کانپوءِ، سياسي سطح تي سماجي عمل ۾ به عوامي شرڪت کي يقيني بڻائجي _
سرمائيداري سرشتي ۾ حقيقي قومي سياسي معاشي جمهوريت وارو بدلاءُ، خود سرمائيداري سرشتي کي اڳين سطح جي سماجي نظام ڏي منتقل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معصوم صبحان جو قتل: ڪٿي آ حڪومت، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا

 زرار پيرزادو چون ٿا ته ڪالهه گُلشن حديد ۾ قيامت آئي هُئي. هڪ معصوم ٻالڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي