11 پیر , دسمبر 2017

13 آگسٽ: ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي
. 13آگسٽ 1903ع تي اسلامي جمهوريه تيونس جو صدر حبيب بورتيبه جنم ورتو.
. 13آگسٽ 1910ع تي فلورنس نائٽ انگيل لنڊن ۾ وفات ڪئي.
13 آگسٽ 1915ع تي سنڌ جي دانشور ۽ مُها نقاد ابراهيم جويي جنم ورتو
13 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو قادر الڪلام شاعر هزارو خان “مجاهد” ولد لعل بخش عباسي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1936ع تي ماهر تعليم، دانشور، سماج سڌارڪ، مورخ ۽ محقق ڊاڪٽر حميدا کهڙو محمد ايوب کهڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنم ڀومي لاڙڪاڻو اٿس.
13 آگسٽ 1937ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جو مڪمل نالو پرسو جيسومل گدواڻي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
13آگسٽ 1966ع تي سيد قطب رح شهيد ٿيو.
13 آگسٽ 1969ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر محمد ايوب، محمد رمضان شيخ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
. 13آگسٽ 1975ع تي ملڪ جو مشهور ڪرڪيٽر شعيب اختر جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1977ع تي ثميرا زرين ڦوهه جواني ۾ هن جهان کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن رواني ٿي.
13آگسٽ 1999ع تي ٻاراڻي ادب لاءِ ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻي هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
13 آگسٽ 2000ع تي جديد موسيقي جي مشهور گلوڪارا نازيه حسن جو وڇوڙو ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي سياسي ڌرين وٽ عوامي مسئلن جو ادراڪ ناهي ؟

ذوالفقار  واهوچو سنڌ اندر جيڪا سياست هلي رهي آهي، ان جي ايمانداراڻي جائزي جي سخت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے