18 اربع , آڪٽوبر 2017

جيالو، ن ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو: بلاول ڀٽو زرداري

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ جي هر حڪومت عوام جي خدمت ڪئي آهي، جيالو، ن ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. چنيوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان چنيوٽ ۾ ڀٽو جي جيالن ۽ شهيد بينظير جي ڀائرن وچ ۾ بيٺو آهيان، ذوالفقار علي ڀٽو چنيوٽ کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ بند ٻڌرايو، هزارين بي گهر ماڻهن کي گهر ڏنا ويا. چنيوٽ کي ضلعو بڻائڻ لاءِ پ پ ڪوشش ڪئي هئي، هتي سئي گئس جا سڀ وڏا منصوبا بينظير ڀٽو جي دور ۾ شروع ٿيا. سندس چوڻ هو ته پ پ اين اي 86 سدائين واضح اڪثريت سان کٽيو آهي، 2013ع ۾ ڌانڌلي ڪري رٿابندي تحت اسان کي هارايو ويو، هيءَ مزدور دشمن حڪومت آهي، انهن کي عوام جي ڪا ڳڻتي ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي