ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ پشين اسٽاپ ڀرسان ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جن مان 8 کان 9 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. شروعاتي رپورٽن موجب ڌماڪو گاڏي ۾ لڳل بم ڦاٽڻ سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين مان 8 کان 9 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪجهه گاڏين کي به باهه لڳي وئي آهي.27
هي به ڏسي سگهو ٿا
اين آر او بابت ڪيس جي ٻڌڻي، پرويز مشرف، آصف زرداري ۽ ملڪ قيوم کي نوٽيس
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اين آر او قانون بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران …