11 پیر , دسمبر 2017

اسلام آباد کان شاهدرا تائين ڪنهن به فيصلو قبول ناهي ڪيو: نواز شريف

شاهدرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته چون ٿا نواز شريف پٽ کان پگهار ڇو نه ورتي، ان تي نااهل ڪيو ويو، نه مان سڪون سان ويهندس نه توهان ويهو، پاڪستان کي اسان سڀ گڏجي تبديل ڪنداسين، اهو منهنجو توهان سان واعدو آهي. شاهدرا ۾ ريلي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته شاهدرا جا ڀائرو ۽ ڀينرون، ڪهڙي منهن سان توهان جا ٿورا مڃان، نواز شريف دل جي گهراين سان توهان جا ٿورا مڃي ٿو، شاهدرا جي ماڻهن مون کي ڏاڍو پيار ۽ محبت ڏني آهي، اسان لاهور ڏانهن وڌي رهيا آهيون، اهو چار ڪلو ميٽر پري آهي، شاهدرا جا جوانو، نواز شريف سان گڏ لاهور هلو، مان اڳيان اڳيان هلان ٿو، توهان پنهنجي پٺيان اچو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي توهان قبول ڪيو آهي؟ مون کي ٻڌايو شاهدرا جي عدالت ڇا فيصلو ٻڌايو آهي؟ اسلام آباد کان شاهدرا تائين رستي ۾ ڪنهن به فيصلو قبول ناهي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪيس پاناما جو شروع ٿيو هو، مون کي اقاما تي ڪڍيو ويو، مون تي ڪرپشن جو ڪو داغ ناهي، شاهدرا وارئو واعدو ڪيو، توهان منهنجو ساٿ ڏيندئو؟.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن 30 مارچ کان اڳ اقتدار کان ٻاهر هوندي: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے