18 اربع , آڪٽوبر 2017

نواز شريف پنهنجي ريلي ۾ به غريبن کي چِٿيندو رهيو: پرويز الاهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عدالتي فيصلي سان نواز شريف عالمي سطح تي بدنام ٿيو آهي، هن هر جاءِ تي غلط بياني سان ڪم ورتو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان جو اميج بهتر ٿيو آهي، هڪ نااهل شخص جي سڏ تي عوام ادارن خلاف ٻاهر نه ايندو، آئين ۾ وزيراعظم جو نه اسيمبلي جو مدو لکيل آهي. هن چيو ته نواز شريف پنهنجي ريلي ۾ به غريبن کي چِٿيندو رهيو، حقيقت ۾ شريف خاندان ملڪ ۾ جهنگ جو قانون چاهي ٿو. نواز شريف کي نااهلي کانپوءِ انقلاب ياد آيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي