18 اربع , آڪٽوبر 2017

وزيراعظم جو ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچي لاءِ 25 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ترقياتي منصبوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، حيدرآباد لاءِ 5 ارب رپين جي اسڪيم آهي. ڪراچي ۾ گورنر محمد زبير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، رينجرز پنهنجو ڪم جاري رکندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي واپارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، 25 ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج تي گورنر جي نگراني هيٺ جلد ڪم شروع  ٿيندو، جڏهن ته حيدرآباد لاءِ اعلانيل 5 ارب رپين جي اسڪيم کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي