18 اتوار , فروری 2018
نڪور خبرون

ڪراچي ۾ امن لاءِ پاليسي برقرار رهندي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاليسين کي اڳتي وڌائيندي، سيڪيورٽي ادارن جي بي مثال قربانين سان ڪراچي ۾ امن بحال ٿيو آهي. اقتصادي ترقي لاءِ بزنس ڪميونٽي جي تجويزن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويندو. گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. گورنر هائوس سنڌ ۾ بزنس ڪميونٽي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پرامن انداز ۾ اقتدار جو انتقال ٿيو، حڪومت فوري طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جيڪو جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي صلاح ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي امن قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پاليسي برقرار رهندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جي بي مثال قربانين سان ڪراچي جو امن ۽ روشنيون بحال ٿيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جرمني پهچي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ميونخ ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے