25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاناما ۾ موجود هر اڪائونٽ جي جاچ ڪئي ويندي: ڀارتي ناڻي وارو وزير

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناڻي واري وزير ارون جيٽلي چيو آهي ته پاناما پيپرن ۾ موجود هر اڪائونٽ جي جاچ ڪئي ويندي پر پاڙيسري ملڪ پاڪستان وانگر نه، جتي نااهل اڳ ۾ قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٽرائل پوءِ شروع ڪيو ويندو آهي. رپورٽن موجب راجيا سڀا ۾ ارون جيٽلي کان پڇيو ويو ته پاناما پيپرن ۾ شامل ڀارتين خلاف جاچ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ويندي؟ جنهن تي هن پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پنهنجو قانون آهي، اسان جو نظام پاڙيسري ملڪ جهڙو ناهي، جتي نااهل اڳ ۾ قرار ڏنو ويندو آهي ۽ ٽرائل پوءِ شروع ڪيو ويندو آهي. ڀارتي ناڻي واري وزير چيو حڪومت پاناما پيپرن ۾ موجود هر نالي ۽ اڪائونٽ بابت جاچ جو ارادو رکي ٿي، اهو ضرور ٿيندو پر مڪمل جاچ کان اڳ ڪنهن کي به سزا نه ڏني ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے