18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف 10 ڀيرا چونڊيل حڪومت خلاف سازشون ڪيون، هاڻ عدالت کان بچڻ لاءِ روڊ تي آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف خلاف ڪا به سازش ناهي ٿي پر هن چونڊيل سويلين حڪومتن خلاف 10 ڀيرا سازشون ڪيون ۽ هاڻ مڪافات عمل کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهي روڊن تي پنهنجي حڪومت خلاف ناهن ڪري رهيا بلڪه احتساب عدالت کان بچڻ چاهن ٿا. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف جي ريلي ناڪام پر جلسا ڪامياب آهن، هو قانون جي ڀت ڀڄي ان کان اچڻ چاهي ٿو،  پر ان وٽ بچڻ جو ڪو به رستو ناهي. هو بند گهٽي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن 10 ڀيرا سازشون ڪيون پر هاڻ مڪافات عمل کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن محمد خان جوڻيجي، بينظير ڀٽو ۽ يوسف رضا گيلاني سميت مختلف ماڻهن جي خلاف سازشون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته هي پنهنجي پارٽي جي سربراهه خلاف سازش ڪري وزير اعظم بڻيو ۽ جڏهن عهدي تان هٽيو ته فاروق لغاري ۽ سجاد علي شاهه سان گڏجي سازشون ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم فنڊ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ تي ڪراچي واسين جو ٿورائتو آهيان: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان دل کولي ڊيم لاءِ چندو ڏيڻ تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے