23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڀارت جي اسپتال ۾ آڪيسجن جي سپلاءِ بند ٿيڻ سبب 60 ٻار فوت

گورکپور(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپديش جي سرڪاري اسپتال ۾ 60 ٻار فوت ٿي ويا. ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي شهر گورکپور جي سرڪاري اسپتال ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ بند ٿيڻ ۽ انفيڪشن پکڙجڻ سبب 5 ڏينهن ۾ 60 کان وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا جن ۾ وڏو انگ تازن ڄاول ٻارن جو آهي. رياستي حڪومت واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڊيشنل انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسپتال انتظاميا ۽ ضلعي حڪومت چيو آهي ته ٻار آڪسيجن جي کوٽ نه پر انفيڪشن سبب فوت ٿيا آهن. وڏي وزير يوگي آدتيا ڪيترائي ڏينهن اسپتال جو دورو ڪري صورتحال جو معائنو ڪيو آهي. وڏي وزير دوري واري ڏينهن به 9 ٻار فوت ٿي ويا هئا. مخالف پارٽ  ڪانگريس جي اڳواڻ سونيا گانڌي ٻارن جي فوتگي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي نااهلي ۽ غفلت تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے