24 سومر , سيپٽمبر 2018

علم جي تلاش، جستجو، مثبت سوچ ۽ جنون کانسواءِ ڪاميابي جو سفر ممڪن ناهي: عابده پروين

اسلام آباد(شوبز نيوز) علم جي تلاش، جستجو، مثبت سوچ ۽ جنون کانسواءِ ڪاميابي جو سفر ممڪن ناهي. صوفي ازم شدت علم جو نالو آهي، روحانيت ۽ صوفي ازم کي پنهنجي زندگي جو مرڪز ۽ محور بڻائڻ وارن لاءِ منزل حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صوفاڻي ڪلام جي نالي واري ڳائڻي عابده پروين پروفيسر ڊاڪٽر ملڪ حسين مبشر جي حياتيءَ تي ”م بشر“ جي فاطمه جناح آڊيٽوريم ۾ منعقد تقريب رونمائي ۾ خاص محمد جي حيثِت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي چيئرمين ريڊ ڪريسنٽ ڊاڪٽر سعيد الاهي، سياسي ۽ سماجي رهنما ڊاڪٽر جمال ناصر، ايئر مارشل (ر) سيد نجم الحسن، اڳوڻي آءِ جي پنجاب اسراف احمد، ڊاڪٽر فريد منهاس نفسيات شعبي جي سربراهه بي بي ايڇ، ڊاڪٽر خالد بلند، صحافي عائشه مسعود ملڪ، ڊاڪٽر امجد بخاري، محترمه شميم همايون، چيئرمين ايڇ اي سي پنجاب ڊاڪٽر نظام الدين، اداڪار نورالحسن، مصنف و صحافي طاهر مغل، ڊاڪٽر ملڪ حسين مبشر جي صاحبزادين صائمه ڪريم ۽ ڊاڪٽر مريم هاشم مبشر ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے