21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رشي ڪپور جي لهجي سبب سندس پٽ رنبير ڪپور شرمسار

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي مشهور اداڪار رنبير ڪپور پنهنجي ئي پيءُ خلاف ڳالهائيندي چيو ته رشي ڪپور جذباتي ماڻهو آهي، پر ان جيڪو ڪجهه به چيو هو ان سان متفق ناهي. ياد رهي ته رشي ڪپور فلم ”جگا جاسوس“ جي ناڪامي سبب فلم جي ڊائريڪٽر انوراگ باسو کي ڄاڻائيندي سخت تنقيد جو نشانو بنايو هو. رشي ڪپور چيو هو ته انوراگ باسو غير ذميدار ماڻهو آهي ۽ هو چاهي جيترو به وڏو ڊائريڪٽر هجي ڪوبه اداڪار ان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پر فلم ”ڀومي“ جي پرومو لانچ وقت رنبير ڪپور پنهنجي انٽرويو ۾ رشي ڪپور جي ان بيان جي مخالفت ڪندي چيو ته مان ان سان متفق ناهيان. انوراگ باسو ۽ مان پهرين ڏينهن کان ڄاڻون پيا ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون. فلمون سکڻ لاءِ بڻايون وينديون آهن ضروري ناهي ته هر فلم ڪامياب وڃي ۽ جيڪڏهن ڪا فلم ناڪام ٿي وڃي ته ان جي ناڪامي جو سهرو ڪنهن هڪ جي مٿي تي نه وجهڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے