21 جمعو , سيپٽمبر 2018

چين آمريڪا کي اتر ڪوريا تي حملي ۾ اڳرائي کان روڪڻ جو فيصلو ڪري ورتو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ): چيني سرڪاري اخبار موجب جنگ جي صورت ۾ جيڪڏهن اتر ڪوريا آمريڪا تي حملو ڪيو ته چين اڻ ڌريو رهندو، پر جيڪڏهن آمريڪا اڳرائي ڪندي اتر ڪوريا تي چڙهائي ڪري اتي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ چين ان کي روڪيندو، هي خبر گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اتر ڪوريا تي حملي جي ڌمڪي جي جواب ۾ جاري ڪئي وئي آهي، پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته اتر ڪوريا اهڙا منصوبا بڻائي رهيو آهي، جنهن تحت اهو گوام تي يا بحرالڪاهل ۾ آمريڪي اتحادي ملڪن تي حملو ڪندو، ان مبينا منصوبي کي بنياد بڻائيندي ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا تي حملي جي ڌمڪي ڏني هئي، انگريزي زبان ۾ چين کان شايع ٿيندڙ سرڪاري اخبار گلوبل ٽائمز پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته هيل تائين آمريڪا يا اتر ڪوريا کي محاذ آرائي کان پاسي تي رکڻ ۾ چين کي ڪاميابي حاصل ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته ان معاملي جي ڌرين کي حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان خطي ۾ امن متاثر ٿئي، ظاهري طور آزاد رهندي اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته آمريڪا تي اتر ڪوريا جي حملي تي آمريڪي ردعمل جي صورت ۾ چين اڻ ڌريو رهندو پر جيڪڏهن آمريڪا اتر ڪوريا تي حملي ۾ اڳرائي ڪئي ته پوءِ چين ان جو مضبوط هٿن سان جواب ڏيندو، جڏهن ته ايڊيٽوريل ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته ڌرين (آمريڪا يا اتر ڪوريا) مان ڪنهن به خطي بحرالڪاهل جي طئي ٿيل سياسي حيثيت ۾ ڦير گهير ڪئي ته چين پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به طرح جا قدم کڻڻ جو پورو حق رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے