26 اربع , سيپٽمبر 2018

قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ لاءِ رانديگرن کي ٻاهرين ملڪن مان واپس گهرائي رهيا آهيون: انضمام الحق

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽئونٽي 20 ٽورنامينٽ لاءِ ڊرافٽ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر انضمام الحق ٻڌايو ته چئمپينز ٽرافي کٽي ڪرڪيٽرن کي نئون حوصلو مليو آهي، نوجوان رانديگرن کي بهترين ڪارڪردگي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سرگرم رانديگرن کي به اميد ڏياري ته هو قومي ٽيم ۾ جڳهه ٺاهي سگهن ٿا، بنا ڪنهن شڪ شبهي جي گرين شرٽس هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته اسان نمبر ون ٿي وياسين. ان چيو ته وڏيون ٽيمون ۽ رانديگر گذريل فتح کي ماضي سمجهي ايندڙ چيلينجز جي ڀرپور تياري ڪندا آهن، گرين شرٽس کي به سخت محنت جاري رکڻي آهي، چيف سليڪٽر چيو ته انڊر 13 مان سينيئرز تائين فٽنس ڪلچر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻاهرين ملڪن مان ڪرڪيٽرن کي واپس گهرائي رهيا آهيون، 22 کان 24 آگسٽ تائين فٽنس ٽيسٽ ٿيندي، قومي ٽوئنٽي 20 ٽورنامينٽ جي ٽيمن ۾ شامل تمام اسٽار ڪرڪيٽرن ايڪشن ۾ نظر ايندا. ايونٽ ختم ٿيو ته ورلڊ اليون سان ٿيندڙ هوم سيريز ۽ سريلنڪا خلاف يو اي اِي ۾ ميچز لاءِ تربيتي ڪيمپ لڳايو ويندو، هڪ سوال تي انضمام الحق چيو ته چئمپينز ٽرافي ۾ نوجوان رانديگرن جي بهترين ڪارڪردگي پهريان کان پول ۾ موجود ڪرڪيٽرن کي چيلينج ڏئي ڇڏيو، نئين ٽيلنٽ جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ قدم ڄمائڻ مستقبل لاءِ اميدن جا امڪان روشن ڪري رهيو آهي، بهتري جو اهو سفر هلندو رهيو ته ڪارڪردگي ۾ تسلسل ايندو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Surrender Press, Tests against Cangroz ask for Mohammad Rizwan dubai

سرفراز تي دٻاءُ، ڪينگروز خلاف ٽيسٽ سريز لاءِ محمد رضوان دبئي طلب

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) قومي سليڪشن ڪميٽي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے