23 سومر , آڪٽوبر 2017

ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي: اي ڊي خواجا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي. ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ اڄ صبح دهشتگردن ڊي ايس پي ٽريفڪ جي گاڏي کي نشانو بنايو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي ۽ ان جو محافظ شهيد ٿي ويا. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا جڏهن ته ان موقعي تي ان جو چوڻ هو ته آسان هدف ٿيڻ جي ڪري دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ هلندڙ سال 16 پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو. اي ڊي خواجا جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پابندي مڙهيل تنظيمون فرقيواريت مٿي چڙهي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپشن جا ڪيس هاڻي رڳو فائلن ۽ الماڙين ۾ بند نه رهندا: نيب چيئرمين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته نيب ۾ ميگا ڪرپشن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي