19 جمعہ , جنوری 2018

سنڌ جي سڀاڳي سڌارڪ ڊاڪٽر رُٿ فا جو لاڏاڻو

ڪالهه پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي موذي مرض جون پاڙون پٽڻ لاءِ پنهنجي حياتي ارپيندڙ ۽ ان مرض کي ختم ڪرائيندڙ ڊاڪٽر رٿ فا ٿورڙي بيماريءَ کان پوءِ آعا خان اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي، سندس دفنائڻ جون آخري رسمون 17 آگسٽ تي ادا ڪيون وينديون.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملڪ جي وزيراعظم کي هڪ تڪڙو خط لکي کيس اپيل ڪئي آهي ته هن جون آخري رسمون سرڪاري اعزاز سان ادا ڪرڻ جو فيصلو ڏنو وڃي. هن ڊاڪٽر رٿ فا جي لاڏاڻي تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان ۾ انسانيت جي خدمت ڪندڙ ڊاڪٽر رُٿ فائو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزير اعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر رُٿ فائو جي پاڪستان ۾ طب جي شعبي ۾ خدمت تي کيس ڀيٽا پيش ڪين ٿا. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر رٿ فائو جرمني ۾ پيدا ٿي پر ان جو دل پاڪستان ۾ ڌڙڪندو هو، ڊاڪٽر روٿ پاڪستان ۾ جذام جي مرض جي باري ۾ شعور ۽ علاج جي لاءِ زندگي وقف ڪئي. وزير اعظم  پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر رُٿ جي خدمت، جذبي ۽ پاڪستان سان محبت کي هميشه ياد رکيو ويندو.

اولهه جرمنيءَ مان ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪري هن ” ڊاٽر آف تي هارٽ آف دي ميري“ (پاڪ مريم جي دل جي نياڻي“ نالي تنظيم ٺاهي. هن 1960ع ۾ پنهنجي وطن کي موڪلاڻي چئي ۽ ڀارت ۾ ڪوڙهه جي مرض خلاف هڪ مشن کڻي اوڏانهن رواني ٿي پر اتفاقي طور کيس ويزا جي مامرن سبب ڪراچي ۾ رهڻو پئجي ويو.

ڊاڪٽر رُٿ فا 1960ع ۾ ڪراچي پهتي هئي، ويزا جي مامرن سبب هو انڊيا وڃڻ بدران ڪراچي ۾ ٽڪي پيئي. هن شهر ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هتي مريضن جو علاج ڪندي ڪندي هتان جي ٿي ويئي. هن ڪوڙهه خلاف پاڪستان ۾ ”ڪوڙهه مخالف فائونڊيشن“ جو بنياد وڌو ۽ سڄي ملڪ ۾ ان مرض خلاف جاڳرتا ۽ علاج واسطي شاندار ڪوششون ڪيون. هن ڪوڙهه کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ملڪگير پروگرام ٺاهيو. هن پنهنجي سڄي ڄمار م شادي نه ڪئي ۽ جرمني مان اچڻ کان پوءِ ان مرض خلاف سندرا ٻڌي ان کي شڪست ڏني. هن سنڌ کان سواءِ بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ڪوڙهه جي مرضن خلاف مرڪز کولايا. ڊاڪٽر رٿ فا جي محنتن رنگ لاتو ۽ ڪوڙهه جو مرض پاڪستان مان ختم ٿي ويو. هن جرمن ٻولي ۾ چار ڪتاب لکيا، جنهن مان هڪ ” اچو ته پنهنجي حصي جي مشعل ٻاريون“ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو. پاڪستان سرڪار پاران کيس ”ستاره هلال“ ۽ ستاره پاڪستان“ جي اعلي ترين اعزازن سان نوازيو ويو.

هن کي صحت جي ميدانن م هڪ سورميءَ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو. سنڌ توڙي سڄي ملڪ جي ڊاڪٽرن لاءِ اهو فرض بڻجي پيو آهي ته هو پڻ انسانذات جي خدمت ۽ مرضن جي خاتمي لاءِ ايئن ئي ڪوششُون ڪن جيئن ڊاڪٽر رُٿ فا ڪيو هيو. ڊاڪٽر رٿ فا کي لکين سلام !

جمعو 11 آگسٽ  2017ع، 18 ذوالقعد 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے