17 اڱارو , جولاءِ 2018

ميان نواز شريف جي سياسي جلوس جو ٻيون ڏينهن

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  ڪالهه پنهنجي ٻئي ڏينهن جلوس کي راولپنڊيءَ کان جهلم تائين پڄايو. هن مختلف هنڌن تي خطاب ڪيو. ميان نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، اسپتالون ۽ موٽر ويز بڻائي رهيو هيس، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو هيس، دينا ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته 5 ماڻهو وزيراعظم کي 5 منٽن ۾ فارغ ڪري ڇڏين ٿا، ڇا اها پاڪستان جي ووٽرز جي توهين ناهي؟، هن چيو ته نواز شريف کي اها سزا ڇو ڏني وئي؟، ستر سالن کان تماشو هلي رهيو آهي، اهو بند ٿيڻ گهرجي يا نه؟، اوهان منهنجو ساٿ ڏيندئو، تقدير الله سائين بدلائيندو آهي پر ماڻهن ذريعي بدلائيندو آهي، پاڪستان جي تقدير بدلائڻ لاءِ ساٿ ڏيندئو؟، هي مون کي انعام ڏنو ويو آهي ملڪ جي خدمت جو، ڇا هي سزا آهي يا جزا آهي؟، پاڪستان جو دستور ۽ پاڪستان جو طريقو بدلائڻو پوندو.

ميان نواز شريف جي لاءِ آيل سپريم ڪورٽ فيصلي تي تبصرو ڪندي پ پ اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جي آءِ ٽي وارن ڏاڍي محنت ڪئي آهي، مان اها رپورٽ پڙهي آهي، سمجهندو هيس ته 20هين ۽ 21هين گريڊ جا آفيسر وزيراعظم کان ڪيئن پڇا ڳاڇا ڪندا؟ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ هاڻ به شريف خاندان تي هلڪو هٿ رکيو آهي، عدالت ڪوڙن ڪاغذن تي شريف فيملي خلاف ڪيس داخل ڪرائي پئي سگهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي ڪالهوڪي ريلي ناڪام ريلي هئي، ريلي جي هڪ مخصوص رفتار هوندي آهي، توهان 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هڪ کان ٻئي جلسي گاهه وڃي رهيا آهيو، ان کي ريلي ناهي چئبو. اعتزاز احسن چيو ته ڊان ليڪس جي جي آءِ ٽي پاڻ وزيراعظم ۽ چوڌري نثار جوڙي هئي، منهنجي خيال ۾ نواز شريف جي تاحيات نااهلي نه ٿيڻ گهرجي ها.

جمعو 11 آگسٽ  2017ع، 18 ذوالقعد 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاقت جو سرچشمو عوام ئي هئڻ گهرجي

پاڪستان جي مجموعي سياسي جمهوري ۽ پارلياماني تاريخ عجيب ڪيفيتن مان گذرندي رهي آهي، جمهوريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے