18 جمعرات , جنوری 2018

عدالتي فيصلي کان پوءِ ميان نواز شريف جو نئون سياسي اظهار

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته کيس اميد آهي ته ہڪ سال اندر ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ پوري ٿي ويندي ۽ ملڪي ترقيءَ جي شرح ۾ واڌارو ٿي ويندو. هن چيو ته هن جي چئن سالن جي دور ۾ ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي هئي، پر اهو سفر پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. کيس اميد آهي ته هاڻي اهو سفر ملڪ جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پورو ڪندو.

پنهنجي ڄمار جي 40 ورهين جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدالت پاران نااهل ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد کان لاهور وڃڻ لاءِ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي ۽ مختلف ميڊيائي چينلن کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته عوام جا ٿورا مڃڻ ۽ هڪ مشن کڻي وڃي رهيو آهيان.  نواز شريف چيو ته خواهش آهي ته شاهد خاقان عباسي ايندڙ مدي لاءِ وزير اعظم رهي، جيڪو ڪم مون شروع ڪيو هاڻ هي ان کي مڪمل ڪندو. هن چيو ته شهباز شريف پنجاب جي جان ۽ پاڪستان جي شان آهي، هن پنجاب کي رول ماڊل بڻايو آهي، شهباز شريف اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.  پنهنجي گهر وڃي رهيو آهيان ان جي پٺيان ڪوبه مقصد ناهي، هڪ مشن کڻي وڃي رهيو آهيان، جنهن عوام مون کي چونڊيو ان جا ٿورا مڃڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.

ڪالهه صبح جو اسلام آباد ۾ پنجاب هائوس مان پنهنجي ريلي جي شروعات ڪندي ميان نواز شريف سوين گاڏين سان تاريخي ”جي ٽي روڊ“ تي پهتو. هن سان گڏ سندس پارٽي جا مختلف سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گڏ آهن. ميان صاحب جي اها ريلي جنهن کي هو عوام جا ٿورا مڃڻ جي ريلي سڏي رهيو آهي، تنهن مان اها ڳالهه صاف نه ٿي آهي ته چئن ورهين کان پوءِ عوام آخر ڪهڙي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن جا هو ٿورا مڃڻ لاءِ ايڏي وڏي تاريخي سفر تي نڪتو آهي؟

ميان نواز شريف جي ان سياسي ۽ تاريخي ريلي جيڪا تاريخي ”جي ٽي روڊ“ تان شروع ٿي آهي، تنهن جي راولپنڊي کان لاهور تائين جي 250 ڪلوميٽرن جي رستي تي 35 قومي اسيمبلي جي تڪن مان 32 نواز ليگ سان واڳيل آهن. هي اهو ساڳيو رستو آهي جيڪو نواز ليگ پنهنجي سياسي مرڪز طور مسلسل ڪتب آنيندي رهي آهي. ان رستي تي راولپنڊي، جهلم، گجرات، گجرانوالا، لاهور جي سوين ڳوٺن، هزارين راڄن ۽ برادرين جون وسنديون آهن. 16هين صدي ۾ پختون ڪاهه ڪاندڙ شير شاهه سوري جي وقت ۾ بنگلاديش جي ”سُنار گائون“ کان شروع ٿيندڙ 25وو ڪلوميٽر روڊ ڪلڪتي کان ٿيندو، امرتسر رستي لاهور کان ٿيندو پشاور تي پنهنجي پڄاڻي ڪري ٿو. روايتي طور، ان روڊ کي ”سياست لاءِ ڪاهه ڪندڙ“ روڊ سڏيو وڇي ٿو، جنهن جي علائقي جي حمايت سان پاڪستان ۾ سرڪار ٺهندي رهي آهي.

عام راءِ اها آهي ته ميان نواز شريف عدالتي فيصلي کان پوءِ سندس ۽ سڄي ڪٽنب ۽ نواز ليگ جي مختلف اڳواڻن مٿان لٽڪيل نئب ريفرنسن جي تلوار جي اثرن کان بچڻ لاءِ عوامي راهه اختيار ڪئي آهي. هن جو خيال آهي ته عوامي حمايت سان هو ڪي نه ڪي رستا ڳولي وٺندو. انتهائي اهم ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي سياست لاءِ رستا ۽ واٽون نهاريندڙ اڳوني وزيراعظم لاءِ ظاهري طور عوام ئي وڏي ڳالهه آهي پر کيس سمورين سهولتن ۽ نرميءَ لاءِ اهي سمورا شعبا پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻا پوندا، جيڪي هن جي ئي سياسي حڪمت عملين جي ڪري هن کان پري ٿي ويا آهن.

ان ريليءَ تي تبصرو ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نواز ليگ جو شو مسلم ليگ ن جي سياسي وجود بچائڻ جي ضرورت آهي، نواز ليگ سياسي طور زندهه رهڻ جي لاءِ ريلي ڪڍي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ جي شو جي برابري بينظير ڀٽو شهيد سان نٿي ڪري سگهي،  بي بي شهيد آمريت خلاف نڪتي هئي، نواز شريف ٻڌائي ته هو اڄوڪي ريلي ڪنهن جي خلاف ڪڍي رهيو آهي. هن چيو ته ن ليگ ضرور جلوس ڪڍي پر سرڪاري وسيلا استعمال نه ڪري پر پنجاب حڪومت جا وسيلا ان ريلي ۾ استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته حڪمران اسان تي ڪنٽينر جي سياست جو الزام هڻندا رهيا آهن پر اهي ماڻهو نقل ڪرڻ ۾ به ماهر آهن اڄ پاڻ ڪنٽينر تي سوار آهن. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف پاڻ چوندو رهيو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندا آهيون ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪنداسين.

جيڪڏهن ميان محمد نواز شريف موصوف جنرل پرويز مشرف دور جي ڪنهن ”ڊيل“ جي پاسي سفر ڪرڻ لاءِ اهو مشن شروع ڪيو آهي ته اها ڪوشش کيس ڪنهن نه ڪنهن پاسي ڏي وٺي ته ويندي پر ان سان سندس سياست جون سموريون دعوائون کيس وڌيڪ اڪيلو ڪري ڇڏينديون.

خميس 10 آگسٽ  2017ع، 17 ذوالقعد 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے