27 جمعہ , اپریل 2018

بابري مسجد يا رام مندر بابت ڀارت ۾ نئون موقف

ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي فيض آباد جي شهر ايوڌيا ۾ 6 ڊسمبر 1992ع تي ”بابري مسجد“ واري سانحي کان پوءِ ڪالهه هڪ نئون موڙ اچي ويو آهي، جنهن ۾ ڀارت جي شيعه مذهبي انتظام هيٺ هلندڙ ”رياست شيعه وقف بورڊ“ ان معاملي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هڪ حلف نامو داخل ڪيو آهي ته بابري مسجد شيعن ٺهرائي هئي، ان سانحي کان پوءِ ”مسجد“ يا ”مندر“ هئڻ واري تڪرار ڪري مسئلا اتي جو اتي بيٺا آهن. ان ڪري بابري مسجد کان سڏپنڌ تي هڪ نئين مسجد ٺهرائي وڃي ۽ سانحي واري جاءِ تي رام جي ”جنم ڀومي“ اڏائي وڃي.

”شيعه وقف“ جي چيئرمين وسيم رضوي دعويٰ ڪئي آهي ته بابري مسجد جي جاءِ شعيه بورڊ جي ملڪيت هئي ان لاءِ ُسني وفق بورڊ يا ڪنهن ٻئي فرقي سان ڳالهيون ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي ۽ ان مامري جو پرامن حل رڳو ”شيعا وقف بورڊ“ وٽ آهي، ان دعوا ۾ چيو ويو آهي ته ”بابري مسجد جي اڏاوت هڪ شيعي نالي ميرباقر ڪرائي هئي  ان سلسلي ۾ اهو عام تاثر غلط آهي ته مسجد مغل بادشاهه ظهير الدين بابر تعمير ڪرائي هئي. جڏهن ته بابر بادشاهه پنهنجي ڄمار ۾ ايوڌيا آيو ئي ڪونه هيو. هن حلف نامي ۾ واضع ڪيو ته بابري مسجد جي نالي سان جيڪا اراضي آهي اها شيعه وقف بورڊ ڏانهن منتقل ڪئي وڃي ته جيئن ان اراضيءَ تي مندر تعمير ڪيو وڃي.

خميس 10 آگسٽ  2017ع، 17 ذوالقعد 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

لوڊشيڊنگ جو مسئلو هر هنڌ حل ٿيڻ گهرجي

وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هاڻي لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، ڇو جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے