24 سومر , سيپٽمبر 2018

الزام لڳائيندڙ ادارن خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن: چوڌري سرور

لاهور (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف اڳواڻ چوڌري سرور چيو آهي ته ماضي ۾ حڪمران تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ تي جلسا جلوس ڪرڻ تي جمهوريت ڊي ريل ڪرڻ جا الزام لڳائيندا رهيا آهن، هاڻي پاڻ جي ٽي روڊ ذريعي قومي ادارن خلاف مظاهرو ڪري رهيا آهن، ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري سرور جو چوڻ هو ته پوري قوم سپريم ڪورٽ ۽ فوج سان گڏ آهي، قومي ادارن کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين، هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جا متاثر انصاف ڳولي رهيا آهن، ان لاءِ باقر نجفي ڪميشن جي رپورٽ کي شايع ڪيو وڃي، ماضي ۾ حڪمران تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ تي جلسا جلوس ڪرڻ تي جمهوريت ڊي ريل ڪرڻ جا الزام لڳائيندا رهيا آهن، هاڻي پاڻ جي ٽي روڊ ذريعي قومي ادارن خلاف مظاهرو ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے