22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف عوام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڪري ڇڏي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(ويب ديسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته 4 سالن کان نواز شريف کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، جڏهن ته هاڻ نواز شريف عوام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر دير ڏاڍي ڪئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته 4 سال کان نواز شريف کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، هاڻ نواز شريف عوام ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر ڏاڍي دير ڪئي، ڪرسيون ملنديون آهن ته سڀ ڪجهه وساري ويهندا آهن جڏهن ته نواز شريف جو حق آهي ته هو ريلي ڪڍي. هن چيو ته سياستدانن کي سيڪيورٽي رسڪ وٺڻو پيو، وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ جي ضرورت ناهي جڏهن ته سمورن مسئلن جو حل پيپلز پارٽي وٽ آهي. هن چيو ته اسيمبلي جي مدت 4 سال هئڻ گهرجي جڏهن ته آرٽيڪل 62،63 ۾ تبديلي جو اڃان وقت ناهي آيو، اهو ضياءُ  جو قانون هو. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي  حڪومت کي منٿون ڪيون ته آرٽيڪل 62،63 ختم ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڪوال ۾ مخالفن جي فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے