23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان ۽ يوسف رضا گيلاني طرفان اپردير ۾ شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اپردير ۾ فوجي جوانن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اپر دير ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جي ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. يوسف رضا گيلاني پنهنجي بيان ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر علي سلمان ۽ ان جي ساٿين دهشتگردن سان وڙهندي شهادت جو جام نوش ڪيو، شهيدن جي وارثن سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا. ٻئي پاسي عمران خان به پاڪ فوج جي افسر ۽ سپاهين جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وطن جي دفاع جي لاءِ سر قربان ڪندڙ هيرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے