26 اربع , سيپٽمبر 2018

ميهڙ ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ميهڙ(ويب ڊيسڪ)ميهڙ ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. گاجي کهاوڙ روڊ تي ڳوٺ لونگ تنيو لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات ڪلثوم سولنگي، محمد ايوب ۽  همٿ ساسولي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ وحيد الله ساسولي ۽ هڪ ٻارڙي زخمي ٿي پيا، جن کي ميهڙ اسپتال نيو ويو. پوليس فوت ٿي ويل ٽنهي ڄڻن جا لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿرپارڪر ۾ ڏڪاري حالتون، چوپائي مال جو چارو ختم، سنڌ سرڪار اگهور ننڊ ۾ ستل

ٿرپارڪر( ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏڪاري حالتن سبب چوپائي مال جو  چارو ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے