25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رينجرز بابت منهنجو بيان غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو: ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم چيو آهي ته رينجرز بابت منهنجو بيان غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو ڪراچي ۾ رينجرز دهشتگردي خلاف سٺو ڪم ڪيو ۽ اسان کي ان کي ساراهڻ گهرجي. احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي جي موقعي تي مرڪزي جوابدار ڊاڪٽر عاصم عدالت ۾ پيش ٿيو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فوج پاڪستان ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ دهشتگردي خلاف رينجرز سٺو ڪم ڪيو آهي، اسان کي رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي جڏهن ته رينجرز بابت منهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته توهان ٽي وي تي چيو ته دوائون کارائي بيان ورتو ويو پر هاڻ انڪار ڪري رهيا آهيو جنهن تي ڊاڪتر عاصم چيو ته ” نو ڪمنٽس“. صحافي سوال ڪيو ته اڄ نواز شريف به ڪنٽينر تي آهي ۽ هو ڪنهن جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، ڊاڪٽر عاصم چيو ته الله جو نظام آهي، جهڙي ڪندئو تهڙي ٿيندو جڏهن ته نواسز شريف پاڪستانين کي پيغام ڏئي رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته هو غلط پيغام ڏئي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے